ڪراچي جي سرجاڻي ٽائون واري علائقي ۾ فائرنگ ۾ سيڪيورٽي گارڊ مارجي ويو آهي.
پوليس موجب سرجاڻي سيڪٽر 7 بي ويسٽ ۾ فائرنگ ۾ سيڪيورٽي گارڊ مارجي ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته مقتول سيڪيورٽي گارڊ جو لاش عباسي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
مارجي ويل سڪيورٽي گارڊ جي سڃاڻپ 18 ورهين جي سمير ولد ابراهيم طور ٿي آهي پوليس موجب شروعاتي جاچ موجب گارڊ پنهنجي ئي پسٽل مان فائر ٿيڻ ڪري فوت ٿي ويو آهي، واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.