سنڌ هاءِ ڪورٽ سوئي سدرن گئس جي هزارين ملازمن کي ريگيولر ڪرڻ بابت 48 درخواستون رد ڪري ڇڏيون
جسٽس يوسف علي سعيد جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي
درخواست داخل ڪندڙن ۾ ايس ايس جي سي جا 3 هزار 350 ملازم شامل آهن
درخواستگذار جي وڪيل چيو ته عدالت 2018ع ۾ 500 کان وڌيڪ ملازمن کي ريگيولر ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، فيصلي جي بنياد تي اهي درخواستون داخل ڪيون ويون. ٻئي طرف پيپلز ليبر يونين جو چوڻ آهي ته هو ان فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪندا