لاڙڪاڻي ۾ نوجوان جي قتل ۽ پوليس جي مبينا ناجائزين خلاف باڊهه جي رهواسين احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي.
ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن چيو ته گذريل مهيني ۾ نوجوان زوهيب علي پنهور ۽ ناري ثناءِ خاتون گاڏهي پسند جو پرڻو ڪرڻ کان پوءِ فيصل آباد جي عدالت ۾ تحفظ لاءِ درخواست داخل ڪرائي هئي.
هن الزام لڳايو ته ناري جي وارثن علي گوهر گاڏهي، مير جان، احسان، عامر گاڏهي ۽ ٻين منهنجي ڀاءُ زوهيب پنهور ۽ سندس گهرواري ثناءِ خاتون کي ٺاھ ڪرڻ جي بهاني سان لاڙڪاڻي شهر گهرايو،
هن چيو ته هنن ڀاءُ کي شهر جي دڙي ٿاڻي جي حد اسٽيشن روڊ تي گوليون هڻي بيدردي سان قتل ڪرڻ کان پوءِ ناري کي پاڻ سان گڏ وٺي ويا، هن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي