سنڌ جي توانائي واري وزير ناصر شاهه پهرين کان 12 محرم الحرام تائين سج لٿي کان فجر تائين بنا وقفي بجلي فراهمي جي هدايت ڪري ڇڏي.
محرم الحرام جي سلسلي ۾ سنڌ جي توانائي واري وزير ناصر شاهه جي صدارت هيٺ عالمن جو اجلاس ٿيو.
ناصر شاهه هدايت ڪئي ته پهرين کان 12 محرم الحرام تائين سج لٿي کان فجر تائين بنا وقفي بجلي فراهمي يقيني بڻائي وڃي.
هن چيو ته اسان حيسڪو، سيپڪو، ڪي اليڪٽرڪ کي خاص هدايتون جاري ڪيون آهن، رات 12 کان صبح 6 وڳي تائين لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي