تازہ ترین

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اسان جا چئلينج گڏيل آهن، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو

قازقستان جي راڄڌاني آستانه ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته آستانه خوبصورت شهر آهي، شاندار مهمان نوازي تي شڪر گذار آهيان، اجلاس ۾ شرڪت منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي.

هن چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم خطي جي عوام جي سماجي ۽ معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي، اسان کي گڏيل طور تي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو.

شهباز شريف چيو ته خطي جي روشن مستقبل لاءِ اسان کي جاگرافيائي ۽ سياسي ويڙهه کان آزاد ٿيڻو پوندو، سي پيڪ ذريعي ترقي ۽ خوشحالي جا مقصد حاصل ڪرڻ طرف وڌي رهيا آهيون.

وزير اعظم چيو ته افغانستان جي سرزمين ڪنهن ٻئي ملڪ خلاف استعمال نه ٿيڻ گهرجي.

وزيراعظم چيو ته افغانستان کي دهشتگردي جي خلاف ثرائتا قدم کڻڻ گهرجن ۽ ڪنهن ٻئي ملڪ جي خلاف رياستي دهشتگردي جي سخت مذمت ڪئي وڃي، افغانستان ۾ پائيدار امن اسان جو گڏيل مقصد آهي.

هن چيو ته اسان کي اسلامو فوبيا ۽ لسانيت خلاف آواز اٿارڻو آهي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جون قراردادون موجود آهن، اسان کي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻو پوندو، اتي انسانيت سان ظلم ٿي رهيو آهي. شهباز شريف چيو ته پاڪستان هن سال آڪٽوبر ۾ ايس سي او جي سربراهي اجلاس جي ميزباني ڪندو، پاڪستان ايس سي او کي متحرڪ ادارو بڻائڻ ۽ مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو

آرٽيڪل

سنڌ

اڄ جي اخبار

Karachi Office

Daily Sobh
Plot No B – 268 Sector 6 F, Mehran Town , Korangi Industrial Area Karachi

Phone: 021-35156121-3
Fax: 021-35156125

Hyderabad Office

Daily Sobh
5th Floor , Ali Heights Opposite New Memon Motors, Auto Bhan Road Latifabad
Hyderabad, Sindh,
Pakistan

Phone: 022-3411376
Phone: 022-3411377
Phone: 022-3411378

Email: dailysobh@gmail.com

Sukkur Office

Daily Sobh
Plot No. C-40, Industrial Area, Golimar Near Shikarpur Phattak
Sukkur, Sindh,
Pakistan

Phone: 071-5633725
Fax: 071-5633724

Daily Sobh Newspaper Karachi

Head Office: C-36, Line 11, Bhukhari Commercial Phase-1, DHA, Karachi, Pakistan
E-mail: dailysobh@gmail.com