پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن جي هڙتال جي سڏ کانپوءِ ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي کوٽ جو خدشو پيدا ٿي ويو.
سڄي ملڪ ۾ پيٽرول پمپ سڀاڻي صبح 6 وڳي کان بند ڪرڻ جي اعلان کانپوءِ پيٽرول جي امڪاني کوٽ جي خدشي عوام کي پريشان ڪري ڇڏيو.
واضح رهي ته ٽيڪس معاملي تي پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن سڄي ملڪ ۾ پيٽرول پمپ بند ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو هو ته هڙتال هڪ ڏينهن کان وڌيڪ به ٿي سگهي ٿي.
پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن چيئرمين موجب جيستائين حڪومت ٽيڪس واپس وٺڻ جو اعلان نٿي ڪري، تيستائين ڳالهيون نه ٿينديون، عوام کي درخواست آهي ته اهي پيٽرول ڀرائي ڇڏين.