تازہ ترین

وفاقي حڪومت بجلي جي گهريلو واهپيدارن لاءِ تجويز ڪيل مختلف سليبز تي واڌ جا تفصيل سامهون

ڪاغذن موجب وفاقي ڪابينا گهريلو واهپيدارن لاءِ بجلي جي في يونٽ بنيادي ٽيرف 48 رپيا 84 پئسا مقرر ڪري ڇڏي آهي، في يونٽ بنيادي ٽيرف ۾ 3 رپيا 95 پئسن مان 7 رپيا 12 پئسا واڌ منظور ڪيو ويو آهي.

ٻڌايو ويو آهي ته نان پروٽيڪٽيڊ گهريلو واهپيدارن لاءِ هڪ سو يونٽ استعمال تي ٽيرف 7.11 رپيا واڌ سان 23.59 رپيا جڏهن ته 101 کان 200 يونٽ جي استعمال تي في يونٽ 7.12 رپيا واڌ سان 30.07 رپيا ٿي ويو.

201 کان 300 يونٽ تائين بجلي ٽيرف 7.12 رپيا واڌ سان 34.26 رپيا ۽ 301 کان 400 يونٽ تي ٽيرف 7.02 رپيا واڌ سان في يونٽ ٽيرف 39.15 رپيا مقرر ڪيو ويو آهي.

401 کان 500 يونٽ 6.12 رپين جي واڌ سان 41.36 رپيا في يونٽ، 501 کان 600 يونٽ استعمال تي ٽيرف 6.12 رپيا واڌ سان 42.78 رپيا جڏهن ته 601 کان 700 يونٽ تي بجلي ٽيرف 6.12 رپيا واڌ تي 43.92 رپيا في يونٽ ۽ 700 يونٽ کان وڌيڪ جو ٽيرف 6.12 رپين جي واڌ تي 48.84 ٿي ويندو.

ڪاغذن ۾ چيو ويو آهي ته مهيني جي 50 يونٽ تائين لائيف لائين واهپيدارن لاءِ في يونٽ 3.95، 51 کان 100 يونٽ تائين لائف لائين واهپيدارن لاءِ في يونٽ 7.74 رپيا برقرار رکڻ جي تجويز آهي. 1 کان 100 يونٽ تائين پروٽيڪٽڊ واهپيدارن جو ٽيرف 3.95 رپين جي واڌ سان 11.69 رپيا في يونٽ مقرر جي تجويز آهي، جڏهن ته 101 کان 200 يونٽ استعمال تي پروٽيڪٽڊ واهپيدارن جو ٽيرف 4.10 رپيا واڌ سان 14.16 رپيا في يونٽ هوندو

آرٽيڪل

سنڌ

اڄ جي اخبار

Karachi Office

Daily Sobh
Plot No B – 268 Sector 6 F, Mehran Town , Korangi Industrial Area Karachi

Phone: 021-35156121-3
Fax: 021-35156125

Hyderabad Office

Daily Sobh
5th Floor , Ali Heights Opposite New Memon Motors, Auto Bhan Road Latifabad
Hyderabad, Sindh,
Pakistan

Phone: 022-3411376
Phone: 022-3411377
Phone: 022-3411378

Email: dailysobh@gmail.com

Sukkur Office

Daily Sobh
Plot No. C-40, Industrial Area, Golimar Near Shikarpur Phattak
Sukkur, Sindh,
Pakistan

Phone: 071-5633725
Fax: 071-5633724

Daily Sobh Newspaper Karachi

Head Office: C-36, Line 11, Bhukhari Commercial Phase-1, DHA, Karachi, Pakistan
E-mail: dailysobh@gmail.com