وڏي وزير مراد علي شاهه آبپاشي، زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ شعبن ۾ بهتري آڻڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته جو زرعي شعبو 70 سيڪڙو آبادي کي روزگار مهيا ڪندو آهي، سنڌ جي ٻهراڙي ۾ رهندڙ ماڻهن کي غربت مان ڪڍڻ لاءِ زرعي شعبي کي جديد بڻائڻو پوندو.
وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ مختلف کاتن جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ آبپاشي کاتي جو وزير ڄام خان شورو، زراعت جو وزير محمد بخش خان مهر، صوبائي صلاحڪار نجمي عالم، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، سينيئر ميمبر بورaڊ آف روينيو بقا الله انڙ، چيئرمين پي اينڊ ڊي نجم شاهه، سيڪريٽري لائيو اسٽاڪ ڪاظم جتوئي، سيڪريٽري فنانس فياض جتوئي، سيڪريٽري خوراڪ خالد شيخ، چيئرمين اي سي اي ذوالفقار شاه ۽ ٻين انتظامي عملدارن شرڪت ڪئي.
وڏي وزير چيو ته 2022ع ۾ برساتن دوران زرعي معيشت کي سخت نقصان پهتو، 4 ڏهائي 4 ملين ايڪڙ ايراضي خراب ٿي، جنهن کي بحال ڪرڻ لاءِ قدم کنيا ويا.
وڏي وزير چيو ته سنڌ جو زرعي شعبو 70 سيڪڙو آبادي کي روزگار مهيا ڪندو آهي، سنڌ جي ٻهراڙي ۾ رهندڙ ماڻهن کي غربت مان ڪڍڻ لاءِ زرعي شعبي کي جديد بڻائڻو پوندو.
هُن چيو ته موسمي تبديلين سبب پيداواري صلاحيت متاثر ٿي رهي آهي، زراعت وارو کاتو پنهنجي ريسرچ ونگ کي متحرڪ ڪري.
هن چيو ته ٽنڊو ڄام زرعي يونيورسٽي جي تحقيق واري شعبي کي وڌيڪ بهتر ڪم ڪرڻو پوندو.
وڏي وزير کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ايم اي جناح روڊ تي جانورن جي اسپتال کي اپ گريڊ ڪيو پيو وڃي، اسپتال ۾ آپريشن ٿيٽر، آڪسيجن ۽ ٻيون سهولتن جو جائزو ورتو پيو وڃي.
وڏي وزير چيو ته حادثن جي صورت ۾ اسٽريٽ اينيمل جي علاج لاءِ ايم اي جناح روڊ تي قائم اسپتال ۾ جانورن جو علاج يقيني بڻايو وڃي. وڏي وزير لائيو اسٽاڪ کاتي کي هدايت ڪئي ته اسپتال کي اپ گريڊ ڪرڻ وارو عمل تيز ڪيو وڃي