تازہ ترین

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آءِ ايم ايف ڏانهن وڃڻ مجبوري هئي، سخت فيصلا نه ڪيا ته ٻيهر آءِ ايم ايف ڏانهن وڃڻو پوندو

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آءِ ايم ايف ڏانهن وڃڻ مجبوري هئي، سخت فيصلا نه ڪيا ته ٻيهر آءِ ايم ايف ڏانهن وڃڻو پوندو.

وزيراعظم شهباز شريف ڪوئيٽا ۾ هاري پيڪج تي صحيح واري تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته وفاق، بلوچستان سان گڏجي صوبي جي 28 هزار ٽيوب ويلز کي شمسي توانائي تي منتقل ڪندو، منصوبي تي 55 ارب رپيا لاڳت ايندي جنهن ۾ 70 سيڪڙو وفاق ۽30 سيڪڙو خرچ بلوچستان حڪومت برداشت ڪندي.

شهباز شريف جو چوڻ هيو ته ٽيوب ويلنز شمسي توانائي تي منتقل ٿيڻ سان هاري خوشحال ٿيندا، وفاق 10 سالن ۾ ٽيوب ويلنز لاءِ بجلي جي بلن جي مد ۾ 500 ارب رپيا ڏنا آهن، هر سال 70 کان 80 ارب رپيا بجلي جي بلن جي مد ۾ ادا ڪيا پيا وڃن، بجلي جا بل ادا نه ٿيڻ جو بار وفاق کڻي رهيو آهي.

وزيراعظم جو چوڻ هيو ته بلوچستان ترقي جي ڊوڙ ۾ پوئتي آهي، جنهن جا سبب آهن، جيڪڏهن 500 ارب سبسڊي جو پئسو بلوچستان جي ترقي تي خرچ ٿئي ها ته اڄ صورتحال مختلف هجي ها.

وزيراعظم جو چوڻ هيو ته آبادگارن کي سولر پينل مهيا ڪيا ويندا، وڏي وزير کي خاطري ڪرايان ٿو ته ٽن مهينن اندر 28 هزار ڪنيڪشن لڳي ويندا، هي منصوبو ٽن مهينن ۾ مڪمل ٿيندو.

وزيراعظم چيو ته وفاق بلوچستان ۾ دانش اسڪولن لاءِ بجيٽ ۾ فنڊز رکيا آهن، چئني صوبن جي هڪ هزار شاگرن کي زرعي تربيت لاءِ چين موڪلينداسين. وزيراعظم جو چوڻ هيو ته آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ مجبوري هئي، قرضن اسان جي نسلن کي به گروي رکي ڇڏيو اهي، قرضن مان جان آجي ڪرائڻ لاءِ وفاق، صوبا ۽ لاڳاپيل ادارا ڪم ڪندا ته ايندڙ نسل دعا ڏيندا. جيڪڏهن ٽن سالن کانپوءِ ٻيهر آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پيو ته اسان لاءِ ٻڏي مرڻ جو مقام آهي

آرٽيڪل

سنڌ

اڄ جي اخبار

Karachi Office

Daily Sobh
Plot No B – 268 Sector 6 F, Mehran Town , Korangi Industrial Area Karachi

Phone: 021-35156121-3
Fax: 021-35156125

Hyderabad Office

Daily Sobh
5th Floor , Ali Heights Opposite New Memon Motors, Auto Bhan Road Latifabad
Hyderabad, Sindh,
Pakistan

Phone: 022-3411376
Phone: 022-3411377
Phone: 022-3411378

Email: dailysobh@gmail.com

Sukkur Office

Daily Sobh
Plot No. C-40, Industrial Area, Golimar Near Shikarpur Phattak
Sukkur, Sindh,
Pakistan

Phone: 071-5633725
Fax: 071-5633724

Daily Sobh Newspaper Karachi

Head Office: C-36, Line 11, Bhukhari Commercial Phase-1, DHA, Karachi, Pakistan
E-mail: dailysobh@gmail.com