وزيراعظم شهباز شريف 200 يونٽ تائين صارفين کي بجلي جي بلن ۾ ٽن مهينا رعايت ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، پروٽيڪيٽڊ ۽ نان پروٽيڪٽيڊ صارفين لاءِ بجلي جي قيمتن ۾ اضافي وارو فيصلو واپس وٺي ڇڏيو آهي.
وزيراعظم توانائي واري شعبي ۾ سڌارن بابت تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته 200 يونٽ تائين صارفين کي جولاءِ، آگسٽ ۽ سيپٽمبر تائين رعايت ڏني پئي وڃي، اڍائي ڪروڙ بجلي صارفين کي 50 ارب رپين جي سبسڊي ڏني پئي وڃي.
شهباز شريف چيو ته ڪراچي جي صارفين کي به فائدو حاصل ٿيندو، صارفين کي چئن رپين کان 7 رپين تائين في يونٽ فائدو ٿيندو.
وزيراعظم چيو 2022 ۽ 2023 ۾ نواز شريف جي قيادت ۾ سياست کي داءُ تي لڳائي رياست کي بچايو.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ماضي ۾ دعوائون ڪيون ويون ته 90 ڏينهن اندر ڪرپشن جو خاتمو ڪنداسين، ڪرپشن جو خاتمو ٿيڻ بدران ڪرپشن جا وڏا وڏا اسڪينڊلز سامهون آيا، برطانيه کان آيل 190 ملين پائونڊ تي به هٿ صاف ڪيا ويا، لٽيل دولت جو هڪ رپيو به واپس نه آيو ۽ پوءِ چيو ويو ته پاڪستان مان لٽيل 300 ارب ڊالرز کڻي اينداسين
هن چيو ته بجيٽ تي تنقيد ڪئي وئي ته آءِ ايم ايف جي چوڻ تي بجيٽ تيار ڪئي وئي، ان ۾ ڪو به شڪ ناهي اسان آءِ ايم ايف وٽ وڃي رهيا آهيون، باني پي ٽي آءِ چيو ته مري ويندس پر آءِ ايم ايف وٽ نه ويندس.
وزيراعظم چيو ته 76 ورهين جي نتيجي ۾ قوم اڄ جتي بيٺل آهي اتي پهاڙن جيترا چئلينجز آهن، اتحادين سان گڏجي انهن جو مقابلو ڪنداسين.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته انسان غلطي جو گهر آهي، غلطي ٿي سگهي ٿي، اسان نواز شريف جي قيادت ۾ خدمت ڪئي.
هن چيو ته دنيا ۾ تيل جون قيمتون وڌي رهيون هيون ته هتي قيمتون گهٽائي ملڪ جو نقصان ڪيو ويو
وزيراعظم چيو ته شمسي توانائي سان سستي بجلي پيدا ٿيندي ۽ آبادگارن کي رليف ملندو، پاڪستان ۾ 10 لک ٽيوب ويلز تيل سان هلي رهيا آهن
شهباز شريف چيو ته اشرافيه تي ٽيڪس سان اضافي 100 ارب رپيا ملڻ جو امڪان آهي، ايندڙ سال ريئل اسٽيٽ تي ٽيڪس لاءِ وڌيڪ تياري سان اينداسين
وزيراعظم چيو ته وفاق بلوچستان سان گڏجي ٽيوب ويل کي شمسي توانائي تي منتقل ڪرڻ جو معاهدو ڪيو .
وزيراعظم چيو ته ايف بي آر جي ڊجيٽلازئيشن ٿي رهي آهي، حڪومت صوبن سان گڏجي بچت پروگرام شروع ڪندي وزيراعظم چيو ته ڪراچي جي بندرگاهه تي ساليانو 1200 ارب رپيا ٽيڪس چوري ٿي رهي آهي، پي اين ايس سي وٽ 11 جهاز آهن اربين رپيا خرچ اچي ٿو، ملڪ ۾ اربين رپين جي ڪرپشن کي بند ڪرڻو پوندو، پاڪستان ۾سامونڊي جهازن ذريعي سامان جي برآمد تي ساليانو 5سئو ارب رپيا خرچ ڪيا ويندا آهن