تازہ ترین

سپريم ڪورٽ پاران  سني اتحاد ڪائونسل  جي مخصوص  سيٽن بابت  درخواست  تي فيصلو  محفوظ

سپريم ڪورٽ  سني اتحاد ڪائونسل  جي مخصوص  سيٽن بابت  درخواست  تي فيصلو  محفوظ ڪري ورتو

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ  جي سربراهي ۾  فل ڪورٽ   سني اتحاد ڪائونسل  جي مخصوص سيٽن  بابت ڪيس  جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن سلسلي ۾  سني اتحاد ڪائونسل  جي وڪيلن  دليل ڏنا

ٻڌڻي دوران  جسٽس جمال سوال ڪيو ته  هڪ ئي پارٽي  مان  ڊڪلريشن  ۽ ڪاغذن جي نامزدگي  وارو  اميدوار  ڇا  آزاد هوندو ؟ آزاد اميدوار  ناهي ته  ڪنهن پارٽي  ۾ وڃي سگهي ٿو ؟ اوهان ته چئي رهيا آهيو ته سني اتحاد  ڪائونسل ۾ اچڻ ڏيو

  ان تي وڪيل  فيصل صديقي چيو ته جيڪڏهن ڪو آزاد اميدوار  منهنجي پارٽي ۾  شامل ٿي رهيو  آهي  ته ڇو منع ڪريون، جنهن تي جسٽس  عرفان سعادت  چيو ته اوهان جي پارٽي کي ته بونس ملي ويو ، نه اليڪشن  ۾ حصو ورتو  ۽ نه ئي سيٽ نه کٽي ، جن اليڪشن کٽي  انهن  اوهان جي پارٽي  ۾ شموليت اختيار  ڪئي، اليڪشن ڪميشن حقيقتون لکيون آهن

جسٽس اطهرمن الله  چيو ته ڇا اهو چوڻ صحيح هوندو ته چونڊون شفاف هيون؟ سڀ معمول موجب هيون ، جسٽس جمال چيو ته  جيڪڏهن  سپريم ڪورٽ  چئي ڇڏيو ته  اليڪشن ڪميشن  غلط ڪيو  ته  ڇا ڪيس ٿيندو؟  ان تي فيصل صديقي چيو ته پوءِ سپريم ڪورٽ کي فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻو پوندو

جسٽس جمال چيو ته  اليڪشن ڪميشن مڃي رهيو آهي ته  ڪنهن پارٽي جي  ڊڪلريشن  ڏني  ان کي نه ڇڏيو ويندو ، حامد رضا  ڇا سني  اتحاد  ڪائونسل سان لاڳاپيل  جو سرٽيفڪيٽ  جمع ڪرايو؟ 

ان تي وڪيل فيصل صديقي چيو ته حامد رضا تحريڪ انصاف سان لاڳاپيل  هئڻ جو سرٽيفڪيٽ  جمع ڪرايو.

جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏيندي چيو ته بيٽ جو نشان  جو فيصلو اچڻ کان اڳ حامد رضا پي ٽي آءِ جو نامزد هيو ،اليڪشن ڪميشن غلط تشريح  ڪئي جنهن  جي ڪري تڪرار پيدا ٿيو،اليڪشن ڪميشن   آئيني اداري طور ذميواريون ادا ڪرڻ ۾ ناڪام  رهيو

ٻڌڻي دوران  آزاد اميدوارن جي وڪيل  سلمان اڪرم  راجا دليل ڏيندي چيو ته  تحريڪ انصاف  سان لاڳاپيل  اميدوارن  کي آزاد  قرار ڏنو ويو ،اليڪشن ڪميشن جي فيصلي  موجب  اسانکي آزاد اميدوار  تسليم ڪيو وڃي

ان تي جسٽس  جمال  چيو ته  اهڙو ڪو  فيصلو ناهي  جنهن ۾ سمورن اميدوارن کي  آزاد قرار ڏنو هو

جسٽس اطهر من الله  چيو ته اليڪشن ڪميشن  جو جمع  ڪرايل رڪارڊ  کي  گوهر علي خان  تسليم نه ڪيو ، گوهر علي چيو ته اليڪشن ڪميشن مڪمل  رڪارڊ  سپريم ڪورٽ  ۾ ناهي ڏنو

عدالت چيو ته  ڪيس تمام گهڻو اهم آهي ، سنجيده سوال  اليڪشن  ڪميشن جي ذميواري   تي اٿي رهيا آهن ،اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ  جي سامهون  رڪارڊ دٻائڻ جي  ڪوشش ڪئي ،اليڪشن ڪميشن پاڻ کي هڪ پارٽي  ظاهر ڪري رهيو آهي ، ڪنهن زماني ۾ اداري کي  هڪ باڊي سمجهيو   ويندو هو ،هاڻي ته اليڪشن ڪميشن  به پنهنجو ڪيس کٽڻ  آيو آهي

ان کانپوءِ  سني اتحاد ڪائونسل  جي مخصوص سيٽن  بابت ڪيس  جي ٻڌڻي  مڪمل  ٿيڻ بعد  عدالت فيصلو محفوظ ڪري  ورتو

چيف جسٽس چيو ته  فيصلو ٻڌائڻ بابت  پاڻ ۾ صلاح مشورو ڪيو ويندو ،فيصلو ڪڏهن ٻڌايو ويندو ان بابت ڪجهه چئي نه ٿو سگهجي ؟

ان کان اڳ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس فائز عيسيٰ  چيو آهي ته سني اتحاد ڪائونسل  جي ڪا به سيٽ ناهي ته  مخصوص  سيٽ   ڪيئن ملي سگهي ٿي ؟

سپريم ڪورٽ ۾  سني اتحاد ڪائونسل  جي مخصوص  سيٽن بابت  ڪيس جي ٻڌڻي  دوران  چيف جسٽس فائز عيسيٰ  سني اتحاد  ڪائونسل  جي وڪيل  فيصل صديقي کان   معلوم ڪيو ته  سني اتحاد  جي ڪا به  جنرل سيٽ ناهي  ته اوهان جي دليلن موجب  مخصوص سيٽ ڪيئن ملي سگهي ٿي؟

ٻڌڻي  جي شروعات  تي سني اتحاد  ڪائونسل  جي وڪيل  فيصل صديقي  چيو ته  اڄ مختصر رهندس ، 15 منٽ ۾  جواب مٿان جواب  ڏئي  مڪمل ڪندس

 آرٽيڪل 218  تحت  ڏسڻو آهي ته  ڇا اليڪشن ڪميشن  پنهنجي ذميواري  شفاف طريقي  سان ادا ڪئي آهي يانه ؟  ثابت ڪندس  اليڪشن ڪميشن  پنهنجي ذميواري  مڪمل  ناهي ڪئي

وڪيل فيصل صديقي وڌيڪ دليل ڏيندي چيو ته موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته  سني اتحاد ڪائونسل  چونڊن ۾  حصو ناهي ورتو ،مخصوص سيٽن  جي فهرست  جمع  ناهي ڪرائي وئي

وڪيل جو وڌيڪ چوڻ هو ته 2018 ۾   بلوچستان عوامي پارٽي  ڪا به سيٽ  ناهي کٽي پر ٽي مخصوص سيٽون مليون آهن ، اليڪشن ڪميشن  بلوچستان عوامي پارٽي  بابت  بي ايماني  تي ٻڌل جواب جمع ڪرايو

سني اتحاد ڪائونسل جي وڪيل  دليل ڏيندي وڌيڪ چيو ته   اليڪشن ڪميشن سامهون  معاملو  سپريم ڪورٽ  کان پهريان  به  ورتو ويو هو ،اليڪشن ڪميشن  پنهنجن ئي دستاويزن جي نفي  ڪري رهيو  آهي ،ڇا اها بي ايماني ناهي ؟ 

ان تي  جسٽس مندو خيل  ريمارڪس ڏيندي چيو ته وساري ڇڏيون  ته اليڪشن ڪميشن ڇا چيو ،  ڇا ليڪشن ڪميشن  جو فيصلو  آئين موجب هو؟

وڪيل جواب ڏنو ته اليڪشن ڪميشن جو فيصلو  بلوچستان  عوامي پارٽي  بابت قانون  تي ٻڌل هو

 جسٽس اطهر من الله  معلوم ڪيو ته  اليڪشن ڪميشن   جو بلوچستان عوامي پارٽي  بابت  مخصوص  سيٽن جو فيصلو  چيلينج ڪيو ؟ وڪيل فيصل صديقي  ٻڌايو ته  اليڪشن ڪميشن چوي ٿو ته غلطي ٿي وئي، اليڪشن ڪميشن اهڙو رويو اختيار  ڪيو  جهڙو بلوچستان  عوامي پارٽي  بابت  فيصلي  جو وجود ئي ناهي

آرٽيڪل

سنڌ

اڄ جي اخبار

Karachi Office

Daily Sobh
Plot No B – 268 Sector 6 F, Mehran Town , Korangi Industrial Area Karachi

Phone: 021-35156121-3
Fax: 021-35156125

Hyderabad Office

Daily Sobh
5th Floor , Ali Heights Opposite New Memon Motors, Auto Bhan Road Latifabad
Hyderabad, Sindh,
Pakistan

Phone: 022-3411376
Phone: 022-3411377
Phone: 022-3411378

Email: dailysobh@gmail.com

Sukkur Office

Daily Sobh
Plot No. C-40, Industrial Area, Golimar Near Shikarpur Phattak
Sukkur, Sindh,
Pakistan

Phone: 071-5633725
Fax: 071-5633724

Daily Sobh Newspaper Karachi

Head Office: C-36, Line 11, Bhukhari Commercial Phase-1, DHA, Karachi, Pakistan
E-mail: dailysobh@gmail.com