ڪراچي جي ميئر بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ڪي ايم سي جي سمورين وڏين هاسپيٽلز جي ڪارڪردگي تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽس کي هدايت ڪئي آهي ته هاسپيٽلز جي ڪارڪردگي بهتر بڻائي وڃي.
ميئر ڪراچي بئريسٽر مرتضيٰ وهاب جي صدارت هيٺ ميڊيڪل ڊپارٽمينٽ جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ سينيئر ڊائريڪٽر ميڊيڪل سروسز ۽ سمورن اسپتالن جي ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽس شرڪت ڪئي.
بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته هاسپيٽلز ۾ سمورن ڊاڪٽرز، پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۽ ملازمن جا سروس بُڪ ۽ پرسنل فائيل موجود هئڻ گهرجن، سڀني ڊاڪٽرز کان هڪ هفتي اندر حلف نامو ورتو وڃي ته اهي ڪنهن ٻئي هنڌ ڊيوٽي نه ڪري رهيا آهن.
هُن چيو ته سڀئي ايم ايس هڪ هفتي اندر رپورٽ ڏين ته انهن هڪ سال ۾ ڪيترين شهرين جو علاج ڪيو آهي، غلط ڊيٽا ڏيندڙ آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي .
بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪي ايم سي اسپتالن جي بهتري چاهي ٿي، سڀني ڊاڪٽرز کي لکت ۾ ٻڌايو وڃي ته ڪيترا ملازم حاضر ٿين ٿا. ٻئي طرف ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن جي ترجمان جو چوڻ آهي ته سرفراز رفيقي شهيد اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر غلام عباس کي غير حاضر رهڻ تي معطل ڪيو ويو آهي