گمبٽ لڳ روهڙي ڪئنال ۾ وهنجندي ٻڏي ويل ٻن ڄڻن جا لاش هٿ نه اچي سگهيا آهن، مقامي ٽوٻن ذريعي لاش جي ڳولا جاري آهي.
اڄ صبح روهڙي ڪئنال ۾ صبع شاهد چانڊيو ۽ بخت لاکو وهنجڻ دوران ٻڏي ويا هئا جن جي مقامي ٽوٻن ذريعي ڳولا ڪئي پئي وڃي. اسسٽنٽ ڪمشنر عطا انعام جو چوڻ هو ته مقامي ٽوٻن ذريعي لاش نه مليا ته نيوي جي ريسڪيو ٽيم ذريعي لاشن جي ڳولا ڪئي ويندي