ميئر حيدرآباد ڪاشف شورو چيو آهي ته حيسڪو بجلي فراهمي واري نظام کي وڌيڪ اثرائتو بڻائي ۽ برسات دوران بجلي جي فراهمي بنا رنڊڪ جاري رکي ته جيئن عوام کي ڪنهن به قسم جي پريشاني کي منهن نه ڏيڻو پوي.
شهباز هال حيدرآباد ۾ منعقد ڪيل اجلاس جي صدارت ڪندي هن واسا ۽ ايڇ ڊي اي عملدارن کي هدايت ڪئي ته اهي پاڻي جي فراهمي ۽ صفائي سٿرائي کي وڌيڪ لاڀائتو بڻائڻ لاءِ پنهنجا سمورا وسيلا ڪتب آڻين. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر زين العابدين ميمڻ، ميئر ڪاشف شورو کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪانٽيجنسي پلان کي ضرورت موجب اپ ڊيٽ ڪري رهيا آهيون، لطيف آباد ۾ جتي به ڊرينيج نالا بند هئا انهن جي صفائي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته قاسم آباد ۾ ونچ مشينون مسلسل ڪم ڪري رهيون آهن