وفاقي ڪابينا اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڳالهين سان آءِ ايم ايف مان ڇوٽڪارو حاصل نه ٿا ڪري سگهون، ڪجهه نه ڪرڻ ناانصافي هوندي .
وزيراعظم چيو ته معيشت جي بهتري لاءِ انتهائي سخت ۽ ڏکيا فيصلا ڪرڻا پوندا .
هن چيو ته ڪرپشن کي ڪنهن به صورت ۾ برادشت نه ڪنداسين، اسان ويٺا هونداسين ته ڪم ڪٿان ٿيندو، وزارتن کي پنهنجي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي.
هن چيو ته معاشي ترقي لاءِ پنهنجو احتساب ڪرڻ ضروري آهي، آءِ ايم ايف کان ڇوٽڪارو صرف ڳالهين ذريعي نه ملندو ان لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته بجليءَ جي سپلاءِ لائينز کي بهتر بڻائڻ ۽ بجلي چوريءَ تي ضابطو آڻڻو آهي،بلوچستان ۾ 28 هزار ٽيوب ويلز جي شمسي توانائيءَ تي منتقلي اهم قدم آهي، بلوچستان جي وڏي وزير مسئلن جي حل لاءِ سنجيدگيءَ جو مظاهرو ڪرڻ تعريف جوڳو آهي