سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪراچي ۾ هلندڙ ترقياتي منصوبن کي جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ ڪم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت ھيٺ ڪراچي ۾ ترقياتي منصوبن بابت اجلاس ٿيو .
اجلاس ۾صوبائي وزير سعيد غني، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وھاب، چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاھه، پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف ، ڪمشنر ڪراچي ، مڪاني ادارن وارو سيڪريٽري خالد حيدر شاهه، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن ۽ ٻيالاڳاپيل عملدار شريڪ ٿيا .
وڏي وزير کي بلديات واري صوبائي وزير سعيد غني طرفان ملير ايڪسپرس وي بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ملير ايڪسپرس وي تي ڪم 12 مئي 2022ع تي شروع ٿيو،ملير ايڪسپرس وي جا 6 انٽرچينج ھوندا. وڏي وزير سيد مراد علي شاھه طرفان ڪورنگي ڪاز وي جي ڪم ۾ تيزي آڻڻ جي ھدايت ڪئي وئي .
اجلاس کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته ملير ايڪسپرس وي جي ڄام صادق کان شاھه فيصل انٽرچينج تائين جي ڪم جو 14 اگسٽ تي افتتاح ڪندس. وڏي وزير طرفان صوبائي سعيد غني ۽ ميئر ڪراچي مرتضيٰ وھاب کي ڪم تيز ڪرڻ جي ھدايت ڪئي وئي