گورنر سنڌ ڪامران خان ٽيسوري جامعه دارالعلوم پهچي مولانا مفتي محمد تقي عثماني ۽ ٻين عالمن سان ملاقات ڪئي.
ملاقات دوران محرم الحرام ۾ مذهبي هم آهنگي کي هٿي ڏيڻ ۽ عالمن جي ڪردار سميت ٻين اهم معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.
گورنر ڪامران ٽيسوري جو چوڻ هو ته محرم الحرام ۾ هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻ ۾ عالمن جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. ملڪ کي پيش ايندڙ چئلينجن کي گڏجي منهن ڏئي سگهجي ٿو، ان سلسلي ۾ عالمن جو ڪردار اهم آهي