اي ايس ايف پاران ڪراچي کان شارجه ويندڙ مسافر کان هيروئن هٿ ڪئي وئي آهي.
ڪراچيءَ کان شارجه ويندڙ مسافر اسران خان پنهنجي ٽرالي بيگ ۾ مھارت سان 2.12 ڪلو گرام هيروئن لڪائي شارجه وڃي رهيو هو.
اي ايس ايف ترجمان موجب اهلڪارن چيڪنگ دوران سامان جي تلاشي ورتي ته بيگ مان هيروئن هٿ آئي. اي ايس ايف ترجمان موجب گرفتار ٿيل جوابدار کين پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته هٿ آيل هيروئن اي اين ايف اختيارين حوالي ڪئي وئي آهي