اسلام ڪوٽ ويجهو ٿر ڪول روڊ تي تيز رفتار جيپ ڪلٽي ٿيڻ سبب هڪ ڄڻو فوت ۽ ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا
ڳوٺ کاريو غلام شاهه وٽ تيز رفتار جيپ ڪلٽي ٿي پئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺ اونهر جو رهواسي 40 ورهين جو لڇمڻ سنگهه فوت، سيمڙو، رامون ۽ پرڀو ڪولهي زخمي ٿي پيا
اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتي جو لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. فوتي جو لاش اسپتال مان ضروري ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو، مڙهه گهر پهچائڻ تي گهرڀاتين ۾ روڄ راڙو پئجي ويو