پاڪستان پيپلزپارٽي سپريم ڪورٽ جي مخصوص سيٽن بابت آيل عدالتي فيصلي تي شديد خدشن جو اطهار ڪندي فيصلي کي فرمائشي فيصلو قرار ڏئي ڇڏيو آهي
پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ ۽ سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي اڄوڪي فيصلي سان پسند ناپسند جي خوشبوءَ اچي رهي آهي ، ائين ٿو لڳي ملڪ ۾ لاڏلا ازم کي پروان چاڙهيو پيو وڃي.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته سپريم ڪورٽ جي اڄوڪي فيصلي سان پسند ناپسند جي خوشبوءَ اچي رهي آهي، ائين ٿو لڳي ملڪ ۾ لاڏلا ازم کي پروان چاڙهيو پيو وڃي
شرجيل ميمڻ چيو ته پٽيشن سني اتحاد ڪائونسل جي هئي جنهن ۾ پي ٽي آءِ ڌر ئي نه هئي پر ان باوجود فيصلو وري پي ٽي آءِ جي حق ۾ ڏنو ويو آهي، سندس چوڻ هو ته ڄاڻايل فيصلي سان هڪ پاسي اليڪشن ڪميشن جي تقدس کي ڇيهو رسيو آهي ته ٻي پاسي فيصلي مان گُڊ ٽو سي يو جي جهلڪ نظر اچي ٿي
شرجيل ميمڻ وڌيڪ چيو ته ماضي ۾ ثاقب نثار باني پي ٽي آءِ ۽ پي ٽي آءِ جي پٺڀرائي ڪري ملڪ کي نقصان پهچايو ۽ ملڪ جي ڪوڙي ترين شخص کي صادق ۽ امين جو لقب ڏئي قانون جا بکيا اڍيڙيا.
شرجيل ميمڻ چيو ته ملڪ جي عدالتن مان پيپلزپارٽي کي ڪڏهن به انصاف ناهي مليو، ذوالفقار علي ڀٽو کي عدالتي فيصلي وسيلي ڦاهي چاڙهيو ويو، شهيد بينظير ڀٽو جي آئيني حڪومت کي ٻه ڀيرا ختم ڪيو ويو ۽ آصف علي زرداري کي بنا ڪنهن ڪيس جي 11 سال جيل ۾ قيد رکيو ويو جنهن سان ملڪ جي ترقي جو وڏو نقصان ٿيو.
سندس چوڻ هو ته ملڪ جي قومي ليڊرن شهيد ڀٽو، بينظير ڀٽو ۽ آصف علي زرداري سان جيڪا ناانصافي ڪئي وئي ان نقصان جو پورائو ڪير ڪندو. صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جو چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان هڪ لاڏلي کي فائدو پهچائڻ جي خوشبو اچي ٿي ۽ ملڪ ۾ ڪيترائي آئيني مونجهارا پيدا ٿي ويندا