تازہ ترین

سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن ۽ پشاور هاءِڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار

سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن ۽ پشاور هاءِڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي عورتن ۽ اقليتن جون مخصوص سيٽون تحريڪ انصاف کي ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 13 رڪني لارجر بئنچ سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪيو هو

سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت فيصلو ٻڌائڻ کان اڳ فل ڪورٽ جا ٻه اجلاس پڻ ڪوٺايا ويا هئا

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته سني اتحاد ڪائونسل جي درخواست تي فيصلو 8 ججن جي اڪثريت جو فيصلو آهي جيڪو جسٽس منصور علي شاهه لکيو آه

فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته تحريڪِ انصاف سياسي پارٽي هئي ۽ آهي، پي ٽي آءِ عورتن ۽ اقليتي سيٽن جي حقدار آهي، چونڊ نشان نه ملڻ سان ڪنهن سياسي پارٽي جي چونڊن حصو وٺڻ جو حق ختم نه ٿو ٿئي

فيصلي ۾ چيو ويو ويو آهي ته پي ٽي آءِ 15 ڏينهن اندر مخصوص سيٽن لاءِ پنهنجي لسٽ جمع ڪرائي، 80 مان 39 ايم اين ايز پي ٽي آءِ سان وابستگي ڄاڻائي چڪا آهن، باقي ايڪتاليهه ميمبر پندرنهن ڏينهن ۾ پارٽي سان وابستگي جو حلف نامو جمع ڪرائين

سپريم ڪورٽ مخصوص سيٽن بابت ڪيس جو لکت ۾ مختصر فيصلو جاري ڪري ڇڏيو جنهن ۾ پي ٽي آءِ ۽ آزاد ميمبرن جا نالا ڄاڻايا آهن

سپريم ڪورٽ موجب، امجد علي خان، سليم رحمان، سهيل سلطان، بشير خان، جنيد اڪرم، اسد قيصر، شهرام ترڪئي، انور تاج، فضل محمد خان، ارباب عامر ايوب، شاندانه گلزار، اساما ميله، شفقت اعواڻ، علي افضل ساهي کي پي ٽي آءِ جو ميمبر قرار ڏنو ويو آهي

خرم شهزاد ورڪ، لطيف کوسو، راءِ حسن نواز، عامر ڊوگر، زين قريشي، رانا فراز نون، صابر قريشي، اويس حيدر جکڙ، زرتاج گل کي به تحريڪ انصاف جو رڪن قرار ڏنو ويو آهي

سپريم ڪورٽ طرفان آزاد قرار ڏنل ميمبرن ۾ علي محمد خان، شهريار آفريدي، انيقه مهدي، احسان الله ورڪ، بلال اعجاز، عمير خان نيازي، ثناءُ الله خان مستي خيل، عبدالطيف، صاحبزدا صبغت الله، نواز خان، محمد عاطف، ساجد خان، اقبال خان، ذوالفقار علي، يوسف خان، زبير خان شامل آهن. سپريم ڪورٽ محمد احمد چٺا، حاجي امتياز، مبين عارف، مقداد علي، جمال احسن، غلام احمد، سعد الله، عامر فاروق، رياض خان، محبوب سلطان، وقاص اڪرم، امير سلطان، ارشد ساهي، خرم منور، ميان محمد اظهر، عظيم الدين، رضا علي گيلاني، عائشه نذير، ميان غوث، جاويد اقبال، جمشيد احمد، معظم علي، فياض حسين ۽ خواجا شيراز کي آزاد ميمبر قرار ڏنو

آرٽيڪل

سنڌ

اڄ جي اخبار

Karachi Office

Daily Sobh
Plot No B – 268 Sector 6 F, Mehran Town , Korangi Industrial Area Karachi

Phone: 021-35156121-3
Fax: 021-35156125

Hyderabad Office

Daily Sobh
5th Floor , Ali Heights Opposite New Memon Motors, Auto Bhan Road Latifabad
Hyderabad, Sindh,
Pakistan

Phone: 022-3411376
Phone: 022-3411377
Phone: 022-3411378

Email: dailysobh@gmail.com

Sukkur Office

Daily Sobh
Plot No. C-40, Industrial Area, Golimar Near Shikarpur Phattak
Sukkur, Sindh,
Pakistan

Phone: 071-5633725
Fax: 071-5633724

Daily Sobh Newspaper Karachi

Head Office: C-36, Line 11, Bhukhari Commercial Phase-1, DHA, Karachi, Pakistan
E-mail: dailysobh@gmail.com