ميرپورخاص ۾ 6 ورهين جي نينگر سان مبينا جنسي ڏاڍائي جو انڪشاف ٿيو آهي
ڳوٺ جاني خان لغاري ۾ 6 ورھين جي ھوت خان پٽ محمد ابراهيم سان جنسي ڏاڍائيءَ جو انڪشاف ٿيو آھي
متاثر نينگر جي امڙ ۽ سندس مامي عبدالرزاق لغاري ٿاڻي تي پهچي دانهيو ته سندن ڳوٺ جي جوابدار سندس نينگر سان بدفعلي ڪئي آهي
هنن چيو ته جوابدار غلام محمد لغاري نينگر کي دڪان تان شيءَ وٺي ڏيڻ جي بهاني وٺي وڃي ساڻس جنسي ڏاڍائي ڪئي آهي
هوڏانهن پوليس نينگر کي ميڊيڪل ليٽر ڏئي علاج لاءِ سول اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. متاثر نينگر جي وارثن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته جوابدار کي فوري طور گرفتار ڪري ساڻن انصاف فراهم ڪيو وڃي