نئون ديرو ۾ ڀٽا برادري جي ڌرين ۾ جهيڙي دوران هڪ ڄڻو مارجي ويو، جڏهن ته ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا
ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ٿاڻي جي حد ڪوٽ ڀٽو ۾ ڀٽا برادري جي ڌرين ۾ جهيڙي دوران ڪهاڙيون لڳڻ سبب عبدالستار ڀٽو مارجي ويو، جڏهن ته عبداللطيف ۽ شبير ڀٽو زخمي ٿي پيا
اطلاع ملڻ تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش ۽ زخمين کي کڻائي نئون ديرو اسپتال پهچايو
جهيڙي دوران زخمي ٿيل غلام شبير ڀٽو جو چوڻ هو ته هو دوست جي موبائيل تي گيم کيڏي رهيو هو ته ڪال اچڻ تي هن فون واپس دوست کي ڏني، جنهن بعد الله ڏنو ڀٽو کيس گارگند ڪئي. هن چيو ته جوابدار فاروق، الله ڏنو ڀٽو ۽ ٻين حملو ڪري چاچي کي ڪهاڙيون هڻي قتل ڪيو، مون کي ۽ منهنجي والد کي زخمي ڪري فرار ٿي ويا