اسلام آباد ۾ وفاقي گھرو وزير ۽ پي سي بي چيئرمين محسن نقوي آمريڪي سفير سان ملاقات ڪئي آهي .
گهرو وفاقي وزير محسن نقوي ۽ آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم سان ملاقات ۾ امن امان، دھشتگردي ۽ منشيات خلاف سھڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو .
ٻنھي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن توڙي ڪرڪيٽ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي .
پي سي بي چيئرمين محسن نقوي چيو ته آمريڪا عالمي ڪرڪيٽ جي نئين منزل آھي.
هن چيو ته پاڪستان، آمريڪا ۽ ڪينيڊا جي ٽي ملڪي سيريز تي ڪم ڪري رھيا آھيون. محسن نقوي وڌيڪ چيو ته آمريڪا ۽ ڪينيڊا ۾ هڪ ڪرڪيٽ ليگ منعقد ڪرڻ تي ڪم ڪريون پيا،آمريڪا ۾ ٽي 20 ورلڊ ڪپ بھترين رھيو