سنڌ سرڪار صوبي ۾ ٽرانسپورٽ کاتي جون زمينون ۽ عمارتون مهيني اندر خالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو،ان لاءِ ايس ايم ٽي اي بورڊ منظوري ڏئي ڇڏي آهي .
سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي بورڊ جو 12 هون اجلاس ٿيو .
بورڊ جي اجلاس ۾ سڄي سنڌ ۾ ٽرانسپورٽ کاتي جون عمارتون ۽ زمينون هڪ مهيني اندر خالي ڪرائڻ جي منظوري ڏني وئي .
اجلاس ۾ ايس ايم ٽي اي بورڊ جي يارهين اجلاس جَي منٽس جِي به منظوري ڏني وئي .
بورڊ جي اجلاس ۾ ڊويزنل سطح تي ايس ايم ٽي اي جي آفيسن جي قيام جي به منظوري ڏني وئي .
اجلاس ۾ ايس ايم ٽي اي ۾ڪانٽريڪٽ تي مقرر ملازمن جي ڪانٽريڪٽس ۾ واڌ جي منظوري ايڇ آر ڪميٽي سان مشروط ڪئي وئي .
بورڊ جي اجلاس ۾ ييلو لائين بي آرٽِي جي لاٽ ٽو جا ڪانٽريڪٽس جاري ڪرڻ جي حوالي سان غور ويچار ڪيو ويو .
اجلاس کي خطاب ڪندي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ سرڪار ٽرانسپورٽ جي سمورن پراجيڪٽس کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ چاهي ٿي .
هن چيو ته نگران حڪومت ۾ بي آرٽي منصوبن تي ڪم روڪيو ويو هو ،جنهن سبب منصوبن ۾ دير ٿي .
سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ٽرانسپورٽ جي منصوبن ۾ دير برداشت نه ڪئي ويندي.
اجلاس ۾ ڄام صادق پل تي جاري ترقياتي ڪم ۽ ييلو لائن لاءِ ڊيپوز جي قيام تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
ايس ايم ٽي اي بورڊ اجلاس ۾ اي وِي پاليسي تي به غور ويچار ڪيو ويو . اجلاس ۾ميئر سکر ارسلان شيخ، ميئر حيدرآباد ڪاشف سومري، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن ، ايم ڊي ايس ايم ٽي اي ڪمال دائي ، ڊي آءِ جي ٽرئفڪ احمد نواز چيما، پي اين ڊي عملدار ۽ ٻيا شريڪ ٿيا