اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته انهن کي آرٽيڪل 6 لڳائڻ جو تمام گهڻو شوق آهي پوءِ سڀني تي لڳندو
اسلام آباد ۾ مِيڊيا سان ڳالهائيندي اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته فون ٽيپ ڪرڻ واري فيصلي جا اثر خراب نڪرندا
هن چيو ته فون اسان جي زندگي جو حصو بڻجي چڪي آهي ،نوڪري ۽ ڪاروبار فون تي ٿئي ٿو، پابندي سان ملڪ ۾ ورهاست وڌندي
هن چيو ته پي ٽي آءِ باني جيڪي غلطيون ڪيون انهن کي ورجائڻ جي ضرورت ناهي .
سندس چوڻ هو ته فون ٽيپ ڪرڻ جو معاملو انتهائي منجهيل آهي،فون ٽيپ ڪرڻ جو معاملو آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي آهي.
هن چيو ته ملڪ ۾ پارليامينٽ گار گند جو پليٽ فارم بڻجي ويو آهي. شاهد خاقان عباسي وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ نظام صرف آئين مطابق هجڻ گهرجي