صدر آصف علي زرداري کي 7 ملڪن جي سفيرن پاران سفارتي سندون پيش ڪيون ويون.
ايوان صدر ۾ ٿيل تقريب دوران زمبابوي، تاجڪستان، روانڊا، ارجنٽائن، ميانمار، ڪمبوڊيا ۽ بوٽسوانا جي سفيرن پاران سندون پيش ڪري الڳ الڳ ملاقاتون پڻ ڪيون ويون.
ان موقعي تي صدر آصف علي زرداري جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي تمام گهڻا موقعا آهن، دوست ملڪ سيڙپڪاري ڪري فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا.
هن چيو ته غيرملڪي سيڙپڪار ملڪ جي زراعت، لائيو اسٽاڪ، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ توانا جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪن.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان دوست ملڪن سان گڏ واپار، سيڙپڪاري ۽ ثقافت سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ چاهي ٿو.
صدر آصف علي زرداري جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان اقتصادي سهڪار وڌائڻ کي خاص اهميت ڏئي ٿو، دوست ملڪن سان واپار جي حجم کي ڀرپور صلاحيت جي مطابق وڌايو وڃي.
صدر اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪاروباري برادرين وچ ۾ رابطي کي وڌائڻ تي زور ڏنو.
ان موقعي تي صدر آصف علي زرداري سفيرن کي پاڪستان ۾ مقرر ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني. ان کان اڳ سفيرن کي ايوان صدر پهچڻ تي کين گارڊ آف آنر پڻ پيش ڪيو وي