* سکر پوليس پاران 9 محرم الحرام جي سلسلي ۾ روهڙي مان نڪرندڙ ماتمي جلوسن لاءِ سيڪيورٽي پلان جوڙيندي گذرگاهن سميت ٻين رستن کي ڪنڊيدار تارون ۽ رڪاوٽون هڻي بند ڪيو ويندو.
عزاداري دوران جلوس جي روٽ وارن سمورن ننڍن وڏن رستن کي مڪمل طور سيل ڪري ماتمي جلوسن لاءِ ايندڙ ويندڙ رستو ٺاهيو ويندو، جڏهن ته 3 کان وڌيڪ چيڪنگ پوائنٽس ٺاهيون ويون آهن.
9 محرم الحرام جي ڏينهن نڪرندڙ ماتم جي سيڪيورٽي لاءِ 2 هزار کان وڌيڪ پوليس آفيسر ۽ اهلڪار، 200 رينجرز آفيشل، 3 فوج جون ڪمپنيون اسٽينڊ باءِ تي هونديون جڏهن ته 400 کان وڌيڪ اسڪائوٽس جوان به فرض سرانجام ڏيندا.
9 محرام الحرام تي برآمد ٿيندڙ ماتمي جلوسن جي سي سي ٽي وي ڪيمرائن ذريعي به نگراني ڪئي ويندي، جنهن جو ڪنٽرول روم روهڙي ۾ قائم ڪيو ويو آهي. ماتمي جلوسن جي روٽ ۾ ايندڙ عمارتن تي رينجرز ۽ پوليس جا نشاني باز مقرر ڪيا ويندا، جڏهن ته جلوس ۾ سادي ڪپڙن ۾ پوليس اهلڪار سيڪيورٽي جا فرض انجام ڏيندا.