اليڪشن ڪميشن مخصوص سيٽن بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عمل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي
چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ سياسي پارٽي طرفان چيف اليڪشن ڪمشنر کي نشانو بنائڻ جي مذمت ڪئي وئي
اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ ميمبرن تي تنقيد کي رد ڪريون ٿا. ڪميشن کان استعيفيٰ جو مطالبو حيرت ۾ وجهندڙ آهي
اليڪشن ڪميشن ڪنهن به دٻاءُ ۾ اچڻ کان سواءِ قانون موجب ڪم ڪندو رهندو. اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ جي ڪنهن به فيصلي جي غلط تشريح نه ڪئي آهي
ڪميشن قانوني ٽيم کي هدايت ڪئي تي فيصلي عملدرآمد ۾ جيڪي به رنڊڪون آهن انهن جي نشاندهي ڪئي وڃي جئين وڌيڪ رهنمائي لاءِ سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو وڃي