ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات پوڻ سبب موسم وڻندڙ ٿي ويئي
صدر، ڪلفٽن، بحريا ٽائون، گڏاپ، سپر هاءِ وي، ڪورنگي ۽ ٻين علائقن ۾ ڪارا ڪڪر وسي پيا
لياقت آباد، جهانگير روڊ، لسٻيلا روڊ ۽ گلستان جوهر ۽ مهراڻ ٽائون واري علائقي ۾ به مينهن وسي پيو. برسات پوڻ سبب گرمي جو زور گهٽجي ويو، ڪيترن ئي علائقن ۾ برساتي پاڻي روڊن تي بيهجي ويو