ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو چارج سنڀاليندي ئي اهم اجلاس طلب ڪري ورتو.
اجلاس ۾ ڊي آءِ جي ٽريفڪ، ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي، ڊي آءِ جي ايسٽ ۽ ڊي آءِ جي اولهه ڏکڻ سميت سمورن ايس ايس پيز کي طلب ڪيو ويو.
اجلاس ۾ سمورن علائقن جي ڊي جيز کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪئي ۽ گڏوگڏ اسٽريٽ ڪرائم بابت تفصيل پڻ معلوم ڪيا ويا. ان موقعي تي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو چيو ته رياستي ڏوهن جي ڪيسن کي روڪڻ لاءِ بهترين قدم کنيا وڃن، اسٽريٽ ڪرائيم جو جلد کان جلد خاتمو آندو وڃي ۽ گهربل جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو وڃي