سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، 100 يونٽ استعمال ڪندڙن کي بجلي مفت فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ توانائي کاتي جو اجلاس ٿيو
اجلاس ۾ وڏي وزير جو چوڻ هو ته ڪي اليڪٽرڪ، حيسڪو ۽ سيپڪو 100 يونٽ بجلي استعمال ڪندڙ واهپيدارن کي مفت بجلي مهيا ڪري
هن چيو ته سولر هوم سسٽم تقسيم ٿئي يا وري سولر پارڪ لڳايو وڃي، تجويز آهي ته سولر پارڪ قائم ڪري حيسڪو، سيپڪو ۽ ڪي اليڪٽرڪ کي بجلي فراهم ڪئي وڃي
وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ پنج لک کان وڌيڪ گهر اهڙا آهن جيڪي گرڊ کان پري هجڻ سبب بجلي کان محروم آهن
هن چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت ته پنج لک گهرن کي بجلي فراهم ڪئي وڃي،پنج ارب روپين جا فنڊ سولرائيزيشن لاءِ مختص آهن
وڏي وزير وڌيڪ چيو ته چاهيان ٿو ته سولرائيزيشن جو نئون منصوبو جلد کان جلد شروع ٿئي، توانائي کاتي جي ٽيم منصوبي جي پلان کي تيار ڪرڻ ۾ تيزي آڻي. ان موقعي تي توانائي واري وزير ناصر شاه جو چوڻ آهي ته 2 لک سولر پينلز ورهائڻ واري منصوبي تي ڪم هلي رهيو آهي، منصوبو مڪمل ڪري وڏي وزير کي منظوري لاءِ پيش ڪيو ويندو