سري لنڪا ۾ ڦاٿل پاڪستاني قيدين کي ستن ڏينهن ۾ پاڪستان واپس آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان سري لنڪن هاءِ ڪمشنر ملاقات ڪئي
ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي وارن معاملن ۽ سري لنڪا ۾ پاڪستاني قيدين جي وطن جي واپسي لاءِ ٻنهي طرفان ضروري ڪارروائي جلد مڪمل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو
سري لنڪن هاءِ ڪمشنر پاڪستاني قيدين جي آزادي لاءِ هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي، جنهن تي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ان جو شڪريو اداڪيو
ملاقات جي حوالي سان جاري ڪيل پڌرنامي موجب ڪيترن ئي سالن کان سري لنڪا ۾ ڦاٿل پاڪستاني قيدين کي ستن ڏينهن ۾ پاڪستان واپس آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي . محسن نقوي جو چوڻ هو ته سري لنڪا ۾ قيد پاڪستاني شهرين جي واپسي لاءِ قدمن کي حتمي شڪل ڏني پئي وڃي