تازہ ترین

پيپلز بس سروس ڪراچي ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ کي بهتر بڻائڻ لاءِ ٽي نوان روٽس شروع ڪرڻ جو اعلان

پيپلز بس سروس ڪراچي ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ کي بهتر بڻائڻ لاءِ ٽي نوان روٽس شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو ، سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آهي ته شهرين جي سهولت لاءِ وڌيڪ بسون آڻي  نوان روٽس  شروع ڪيا ويندا.

ٽرانسپورٽ کاتي   موجب هاڪس بي کان ٽاور تائين  روٽ نمبر  تيرنهن 22 جولاءِ  کان  شروع  ڪيو ويندو.

 روٽ نمبر 12 ۾   واڌ ڪئي ويندي، 23 جولائي کان اهو کوکر پار بدران قائد آباد ۽ ڪورنگي جي  رستي ميمڻ ڳوٺ  کان ٽاور  تائين هلي ويندي .

 24 جولائي  کان بحريا ٽائون کان نمائش چورنگي تائين اليڪٽرڪ بس جو نئون روٽ اِي وِي فور  شروع  ڪيو ويندو .

 ٽرانسپورٽ کاتي موجب   25 جولاءِ تي يوسف ڳوٺ کان ٽاور تائين روٽ نمبر اٺ شروع ڪيوويندو.

سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته  ڪراچي ۾ نون روٽس ذريعي  ڪراچي ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ وڌائڻ  سنڌ حڪومت جي ترجيع جو حصو آهن .

هن چيو ته  نوان روٽس متعارف  ڪرائڻ جو مقصد شهرين کي سستي، آسان ۽ آرامده سفري سهولتون فراهم ڪرڻ آهي.  شرجيل انعام ميمڻ  وڌيڪ چيو ته  عوام جي بنا فرق جي خدمت ڪرڻ سنڌ حڪومت جو عزم آهي

آرٽيڪل

سنڌ

اڄ جي اخبار

Karachi Office

Daily Sobh
Plot No B – 268 Sector 6 F, Mehran Town , Korangi Industrial Area Karachi

Phone: 021-35156121-3
Fax: 021-35156125

Hyderabad Office

Daily Sobh
5th Floor , Ali Heights Opposite New Memon Motors, Auto Bhan Road Latifabad
Hyderabad, Sindh,
Pakistan

Phone: 022-3411376
Phone: 022-3411377
Phone: 022-3411378

Email: dailysobh@gmail.com

Sukkur Office

Daily Sobh
Plot No. C-40, Industrial Area, Golimar Near Shikarpur Phattak
Sukkur, Sindh,
Pakistan

Phone: 071-5633725
Fax: 071-5633724

Daily Sobh Newspaper Karachi

Head Office: C-36, Line 11, Bhukhari Commercial Phase-1, DHA, Karachi, Pakistan
E-mail: dailysobh@gmail.com