تازہ ترین

پيپلز پارٽي، مسلم ليگ نون سان مشاورتي اجلاس ۾ پاڪستان تحريڪِ انصاف تي پابندي وارو معاملو پارٽي سطح تي غور هيٺ آڻڻ تي اتفاق ڪيو  ويو

پيپلز پارٽي، مسلم ليگ نون سان مشاورتي اجلاس ۾ پاڪستان تحريڪِ انصاف تي پابندي وارو معاملو پارٽي سطح تي غور هيٺ آڻڻ تي اتفاق ڪيو  ويو ۽ موقف اختيار ڪيو ته پارٽي مشاورت کانپوءِ پابندي جو فيصلو پارليامينٽ ۽ ڪابينا ۾ غور هيٺ آندو ويندو.

ايوانِ صدر ۾ مسلم ليگ نون ۽ پيپلز پارٽي جو اهم مشاورتي اجلاس ٿيو جنهن ۾ ٻنهي پارٽين جي اهم اڳواڻن شرڪت ڪئي.

پ پ جي ذريعن جو چوڻ آهي ته مشاورتي اجلاس ۾ پي ٽي آءِ تي پابندي، مخصوص سيٽن ۽ ٻين اهم معاملن غور ڪيو ويو

ذريعن موجب، حڪومتي اتحادين وچ ۾ ڏيڍ ڪلاڪ ملاقات جاري رهي، نون ليگ جي قانوني ٽيم پيپلز پارٽي کي پي ٽي آءِ بابت فيصلن تي اعتماد ۾ ورتو، قانون واري وزير ۽ اٽارني جنرل پي ٽي آءِ تي پابندي جي حڪومتي فيصلي جي قانوني نقطن کان آگاهه ڪيو جڏهن ته پيپلز پارٽي جي ليگل ٽيم مستقبل ۾ انهن فيصلن جي اثرن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو .

ذريعن جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي هر آئيني ۽ قانوني فيصلي سان گڏ بيهڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ذريعن موجب، مشاورتي اجلاس ۾ گفتگو ٿي ته تحريڪِ انصاف جو رويو جهموري نه آهي، پي ٽي آءِ پاڻ کي سياسي پارٽي سمجهي ٿي ته رويو به سياسي پارٽي جهڙو اختيار ڪرڻو پوندو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ پيپلز پارٽي حڪومتي فيصلن تي پارٽي ۾ مشاورت ۽ سي اي سي کان منظوري وٺڻ جو چيو جڏهن ته ٻنهي پارٽين وچ ۾ پي ٽي آءِ بابت سمورا فيصلا گڏجي ڪرڻ ۽ ڳالهه ٻولهه جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو.

ذريعن موجب، پيپلز پارٽي مخصوص سيٽن تي سپريم ڪورٽ ۾ نظرثاني اپيل داخل ڪرڻ جي حمايت ڪئي جڏهن ته پي ٽي آءِ تي پابندي وارو معاملو پهرين پارٽي سطح تي غور هيٺ آڻڻ تي اتفاق ڪيو ۽ موقف اختيار ڪيو ته پارٽي مشاورت کانپوءِ پابندي جو فيصلو پارليامينٽ ۽ ڪابينا ۾ غور هيٺ آندو ويندو.

ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ وفاقي حڪومت پي ٽي آءِ تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪندي اعلان ڪيو هو ته اڳوڻي صدر عارف علوي، پي ٽي آءِ باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم ۽ اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري خلاف آرٽيڪل 6 تحت ڪيس هلايو ويندو، انهن ٽنهي جي خلاف وفاقي ڪابينا کان منظوري بعد اِهو ريفرنس سپريم ڪورٽ اُماڻيو ويندو پ پ اڳواڻن طرفان حڪومت جي اهڙي فيصلي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو هو

آرٽيڪل

سنڌ

اڄ جي اخبار

Karachi Office

Daily Sobh
Plot No B – 268 Sector 6 F, Mehran Town , Korangi Industrial Area Karachi

Phone: 021-35156121-3
Fax: 021-35156125

Hyderabad Office

Daily Sobh
5th Floor , Ali Heights Opposite New Memon Motors, Auto Bhan Road Latifabad
Hyderabad, Sindh,
Pakistan

Phone: 022-3411376
Phone: 022-3411377
Phone: 022-3411378

Email: dailysobh@gmail.com

Sukkur Office

Daily Sobh
Plot No. C-40, Industrial Area, Golimar Near Shikarpur Phattak
Sukkur, Sindh,
Pakistan

Phone: 071-5633725
Fax: 071-5633724

Daily Sobh Newspaper Karachi

Head Office: C-36, Line 11, Bhukhari Commercial Phase-1, DHA, Karachi, Pakistan
E-mail: dailysobh@gmail.com