* گمبٽ واسي پورهيت ڪراچي ۾ هيٽ اسٽروڪ سبب فوت ٿي ويو آهي
ڳوٺ وڏا لاکا جو رھواسي 18 ورهين جو ڪامران لاشاري ڪراچي ۾ ڪمائڻ لاءِ ويو، جيڪو هيٽ اسٽروڪ سبب زندگي جي جنگ هارائي ويو
نوجوان جي فوتگيءَ واري اطلاع کانپوءَ علائقي ۾ سوڳ وارو ماحول ڇائنجي ويو. فوتي پورهيت جو مڙهه ڪراچي کان اباڻي ڳوٺ آڻڻ تي گهرڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو