تازہ ترین

صدر آصف علي زرداري ڪراچي ۾ شهري ٻوڏ جي روڪٿام لاءِ جلد جامع پلان تيار ڪرڻ جي هدايت

صدر آصف علي زرداري ڪراچي ۾ شهري ٻوڏ جي روڪٿام لاءِ جلد جامع پلان تيار ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي

صدر آصف علي زرداري جي صدارت هيٺ ڪراچي کي شهري ٻوڏ کان بچائڻ بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، ايڊجوٽنٽ جنرل ليفٽيننٽ جنرل محمد عاصم ملڪ، مڪاني کاتي واري وزير سعيد غني سميت ٻين شرڪت ڪئي.

صدر جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ شهري ٻوڏ روڪڻ لاءِ ترجيحي بنيادن تي جامع پلان تيار ڪرڻو پوندو، ڪراچي کي ٻوڏ کان بچائڻ لاءِ سنڌ حڪومت پائيدار ۽ ڊگهي مدي واري حڪمت عملي اختيار ڪري، عالمي معيار موجب سيوريج ۽ ٻوڏ جي پاڻي کي اثرائتي انتظام جو نظام اپنائڻو پوندو، ڪراچي ۾ زمين اندر سرنگهن ذريعي ٻوڏ کي قابو ڪرڻ جي فزيبلٽي اسٽڊي ٽن مهينن اندر مڪمل ڪئي وڃي.

صدر چيو ته ڪراچي ۽ ان جي سامونڊي علائقن کي صاف سٿرو بڻائڻ جي ضرورت آهي ۽ دنيا جي ٻين ميٽروپوليٽن شهرن جي برابر ڪرڻو آهي، تجويز ڪيل سرنگهن منصوبي جا اهم ماحولياتي اثر پوندا. سنڌ حڪومت کي تجويز ڪيل سرنگھه منصوبي لاءِ عالمي ڊونرز کان ماحولياتي فنانسنگ وٺڻ تي غور ڪرڻ گھرجي.

صدر چيو ته پاڻي صاف ڪرڻ سان بلوچستان کي به زراعت لاءِ پاڻي ملي سگهندو، صاف پاڻي جي نظام جي تعمير سان ماهي گيري جي شعبي کي هٿي ملندي، حيدرآباد به شهري ٻوڏ ۽ سيوريج جهڙي مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي، جن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي.

اجلاس ۾ صدر کي عالمي آبي ۽ سيوريج مئنجمينٽ ماهرن پاران گڏين بريفنگ ڏني وئي، جنهن ۾ ماهرن ڪراچي ۾ شهري ٻوڏ ۽ سيوريج جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ مختلف تجويزون ڏنيون، ماهرن واشنگٽن، لنڊن ۽ سنگاپور جي زمين اندر وڇايل سرنگهن جي سيوريج جي نظام تي به روشني وڌي.

بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڪراچي ۾ هاءِ فلڊ زونز ۾ موجود روڊن جي هيٺان سيوريج جون ننڍيون ۽ وڏيون سرنگهون  ٺاهي سگهجن ٿيون، جديد ٽيڪنالوجي تي ٻڌل سرنگهن سان عوام، ٽريفڪ، ۽ زمين جي ملڪيت جي حوالي سان پريشاني نه ٿيندي، بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سيوريج ۽ برسات جو پاڻي ننڍن ۽ وڏن کليل نالن ۾ جمع ٿيندو آهي، سيوريج ۽ ٻوڏ جو پاڻي بغير ٽريٽمنٽ جي سمنڊ ۾ ڇوڙ ٿيڻ سان سامونڊي ماحولياتي نظام آلوده ٿئي ٿو، ڪراچي جي نالن جي موجود نيٽورڪ جي صلاحيت محدود آهي، نالا موجوده حالت ۾ برسات جو 50 سيڪڙو پاڻي جذب ڪن ٿا

آرٽيڪل

سنڌ

اڄ جي اخبار

Karachi Office

Daily Sobh
Plot No B – 268 Sector 6 F, Mehran Town , Korangi Industrial Area Karachi

Phone: 021-35156121-3
Fax: 021-35156125

Hyderabad Office

Daily Sobh
5th Floor , Ali Heights Opposite New Memon Motors, Auto Bhan Road Latifabad
Hyderabad, Sindh,
Pakistan

Phone: 022-3411376
Phone: 022-3411377
Phone: 022-3411378

Email: dailysobh@gmail.com

Sukkur Office

Daily Sobh
Plot No. C-40, Industrial Area, Golimar Near Shikarpur Phattak
Sukkur, Sindh,
Pakistan

Phone: 071-5633725
Fax: 071-5633724

Daily Sobh Newspaper Karachi

Head Office: C-36, Line 11, Bhukhari Commercial Phase-1, DHA, Karachi, Pakistan
E-mail: dailysobh@gmail.com