ڪراچي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ سماجي اڳواڻ نصرالله شيخ مارجي ويو. سائيٽ سپر هاءِ وي ٿاڻي جي حد ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ سماجي اڳواڻ نصرالله شيخ سخت زخمي ٿي پيو هو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو جتي زخمن جا سور نه سهندي هو فوت ٿي ويو.
پوليس ضروري قانوني ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو . پوليس جو چوڻ هو ته معاملو ٻارڙن کي ڇڏائڻ دوران پيش آيو آهي، خونريزي جي خطري سبب پوليس جي وڏي نفري ڳوٺ علي محمد شيخ پهچي وئي آهي.