صدر مملڪت آصف علي زرداري ڪرسچن ميريج ترميمي ايڪٽ 2024 جي منظوري ڏئي ڇڏي.
ترميمي ايڪٽ تحت مسيحي برادري جي مرد ۽ عورتن لاءِ شادي جي عمر 15 سال ڪئي وئي آهي.
تقريب ۾ مذهبي معاملن تي وفاقي وزير چوڌري سالڪ حسين، مذهبي معاملن واري سيڪريٽري ۽ مسيحي برادري جي نمائندن شرڪت ڪئي. ان کان اڳ مسيحي برادري جي مردن لاءِ شادي جي ڄمار 16 سال ۽ عورتن لاءِ 13 سال هئي