* صدر آصف علي زرداري سان ترڪمانستان جي پرڏيهي وزير راشد ميردوف ۽ ڪابينا جي ڊپٽي چيئرمين ملاقات ڪئي آهي
ملاقات دوران صدر پاران ترڪمانستان سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ رابطا وڌائڻ واري ضرورت تي زور ڀريو
صدر آصف علي زرداري ترڪمانستان سان لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ عزم جو ورجاءُ ڪيو.
صدر آصف علي زرداري چيو ته پاڪستان ۽ ترڪمانستان جا لاڳاپا خطي ۾ امن ۽ خوشحال جي گڏيل وزن تي ٻڌل آهن، ٻنهي ملڪن وچ ۾ اعليٰ سطحي دورن جي ڏي وٺ ٻطرفو سهڪار وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي گڏيل خواهش جو مظهر آهي
صدر مملڪت چيو ته ترڪمانستان کي گوادر بندرگاهه تان علاقائي واپار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ فائدو وٺڻ گهرجي، ترڪمانستان جا شاگرد پاڪستان جي طبي ادارن مان تعليم حاصل ڪري سگهن ٿا
ترڪمانستان جي پرڏيهي وزير راشد ميردوف چيو ته پاڪستان ۽ ترڪمانستان وچ ۾ خوشگوار لاڳاپا آهن، پاڪستان سان اقتصادي، ثقافتي ۽ تعليمي سهڪار جاري رکيو ويندو. ترڪمانستان جي پرڏيهي وزير پاران ٻنهي ڀائراڻن ملڪن کي ملائڻ لاءِ موٽر ويز ۽ ريلوي جي تعمير تي زور ڀريو