تازہ ترین

سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان دائودي بوهرا جماعت جي روحاني پيشوا سيدنا مفضل سيف الدين گورنر هائوس ۾ ملاقات

سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان دائودي بوهرا جماعت جي روحاني پيشوا سيدنا مفضل سيف الدين گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي.

ملاقات دوران محرم الحرام دوران مذهبي هم آهنگي، رواداري ۽ افهام و تفهيم تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ان موقعي تي سيدنا مفضل سيف الدين گورنر هائوس ۾ آءِ ٽي ڪورسز جي شاگردن کي هڪ سئو ليپ ٽاپ ڏيڻ جو اعلان پڻ ڪيو.

ملاقات ۾ سيدنا مفضل سيف الدين گورنر سنڌ جي فلاحي ڪمن کي ساراهيندي چيو ته توهان جا فلاحي ڪم ساراهه جوڳا آهن، عوام جي خدمت ڪرڻ عبادت آهي، عوام جي خدمت ئي جذبي سان ڪندا رهو، اهو به الله تعاليٰ جو خاص پيغام آهي.

سيدنا مفضل سيف الدين چيو ته کيس ڀليڪار ۽ سلامي پيش ڪرڻ تي هُو سندن ٿورائتو آهي، پاڪستان مان خاص محبت ۽ پيار مليو آهي.

گورنر سنڌ ڪامران خان ٽيسوري چيو ته سندس خط تي دائودي بوهري جماعت جي روحاني پيشوا جو پاڪستان اچڻ تي هُو ٿورائتو آهي، محرم الحرام ۾ تعليم سان هم آهنگي کي هٿي ملندي، رواداري ۽ اتحاد کي هٿي ملندي.

گورنر سنڌ چيو ته سندس خواهش آهي ته توهان هر سال محرم الحرام دوران هتي پاڪستان ايندا رهو. سنڌ جي گورنر چيو ته اعزاز جي ڳالهه آهي ته سيدنا مفضل سيف الدين سندس دعوت تي آيو آهي، جنهن سبب سڄي دنيا مان دائودي بوهرا برادري جا 50 هزار کان وڌيڪ ماڻهو پڻ شريڪ ٿيا آهن، جنهن سان پاڪستان جي معيشت کي فائدو ٿي رهيو آهي

آرٽيڪل

سنڌ

اڄ جي اخبار

Karachi Office

Daily Sobh
Plot No B – 268 Sector 6 F, Mehran Town , Korangi Industrial Area Karachi

Phone: 021-35156121-3
Fax: 021-35156125

Hyderabad Office

Daily Sobh
5th Floor , Ali Heights Opposite New Memon Motors, Auto Bhan Road Latifabad
Hyderabad, Sindh,
Pakistan

Phone: 022-3411376
Phone: 022-3411377
Phone: 022-3411378

Email: dailysobh@gmail.com

Sukkur Office

Daily Sobh
Plot No. C-40, Industrial Area, Golimar Near Shikarpur Phattak
Sukkur, Sindh,
Pakistan

Phone: 071-5633725
Fax: 071-5633724

Daily Sobh Newspaper Karachi

Head Office: C-36, Line 11, Bhukhari Commercial Phase-1, DHA, Karachi, Pakistan
E-mail: dailysobh@gmail.com