تازہ ترین

پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته نيٺ 9 مئي جي ماسٽر مائينڊ رٿابندي جو اعتراف ڪري ورتو

پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته نيٺ 9 مئي جي ماسٽر مائينڊ رٿابندي جو اعتراف ڪري ورتو.

هڪ بيان ۾ پنجاب جي وزير اعليٰ مريم نواز چيو ته زمان پارڪ دهشتگردن جو تربيتي هيڊ ڪوارٽر بڻيل رهيو، جتي پيٽرول بم ٺاهڻ ۽ رياست تي حملي جي سکيا ڏني ويندي هئي، چار مهينا ڄنگهه تي پلستر ٻڌڻ جي ڊرامي دوران 9 مئي جي منصوبابندي ڪئي وئي.

هن چيو ته آخرڪار 9 مئي جي ماسٽر مائينڊ منصوبابندي ۽ سهولتڪاري ڪرڻ جي گناهه جو اعتراف ڪري ورتو، پي ٽي آءِ پارٽي نه وڳوڙي ٽولو آهي ۽ وڳوڙي ٽولي جو مقصد رڳو شرپسنديءَ ذريعي رياست کي نقصان پهچائڻ آهي.

مريم نواز چيو ته اِهو ڪهڙي قسم جو پُرامن احتجاج هو، جنهن ۾ ٻه سئو کان وڌيڪ فوجي ٿاڪن تي حملا ٿيا، هوائي فوج جي جهازن کي باهيون ڏنيون ويون، ڪور ڪمانڊرز هائوس ساڙيو ويو ۽ شهيدن جي يادگارن جي توهين ڪئي وئي، پي ٽي آءِ ڪارڪنن پوليس جا مٿا ڦاڙيا.

هن چيو ته پاڪستان جو ڏيوالو ڪرائڻ، آءِ ايم ايف کي خط لکڻ، سائفر لهرائڻ جهڙيون سازشون، شهيدن جي يادگارن جي بي حرمتي ان وڏي سازش جو حصو آهن.

سندس چوڻ هو ته دوست ملڪن جي قيادت خلاف اڻوڻندڙ ٻولي استعمال ڪئي وئي، پي ٽي آءِ پنهنجي ڌرڻي سبب چيني صدر جو دورو نه ٿيڻ ڏنو، هن پارٽيءَ 2014ع ۾ پارليامينٽ، پي ٽي وي ۽ وزيراعظم هائوس تي حملا ڪيا، سپريم ڪورٽ جي ڀتن تي گندا ڪپڙا ڌوتا. هن وڌيڪ چيو ته شاهدين ۽ ثبوتن جي موجودگيءَ ۾ آئين ۽ قانون تي عمل ٿيڻ گهرجي، شرپسند ۽ وڳوڙي ٽولي خلاف سخت ڪارروائي ملڪي سلامتي ۽ قومي مفادن جي اهم گهرج آهي

آرٽيڪل

سنڌ

اڄ جي اخبار

Karachi Office

Daily Sobh
Plot No B – 268 Sector 6 F, Mehran Town , Korangi Industrial Area Karachi

Phone: 021-35156121-3
Fax: 021-35156125

Hyderabad Office

Daily Sobh
5th Floor , Ali Heights Opposite New Memon Motors, Auto Bhan Road Latifabad
Hyderabad, Sindh,
Pakistan

Phone: 022-3411376
Phone: 022-3411377
Phone: 022-3411378

Email: dailysobh@gmail.com

Sukkur Office

Daily Sobh
Plot No. C-40, Industrial Area, Golimar Near Shikarpur Phattak
Sukkur, Sindh,
Pakistan

Phone: 071-5633725
Fax: 071-5633724

Daily Sobh Newspaper Karachi

Head Office: C-36, Line 11, Bhukhari Commercial Phase-1, DHA, Karachi, Pakistan
E-mail: dailysobh@gmail.com