گورنر سنڌ ڪامران خان ٽيسوري سان چنڊ ڏسڻي ڪميٽي جي چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي آهي.
ملاقات دوران فرقيواريت، اتحاد ۽ امن لاءِ عالمن جي ڪردار سميت ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون، جڏهن ته بين الاقوامي هم آهنگي ۽ رواداري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ عزم جو اظهار پڻ ڪيو.
ان موقعي تي گورنر سنڌ ڪامران خان ٽيسوري چيو ته حڪومت کي درپيش مسئلن جي حل ۾ مدد ڪرڻ ۾ عالمن جو ڪردار وسارڻ جوڳو ناهي. جڏهن ته مولانا عبدالخبير آزاد چيو ته گورنر سنڌ جو نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ جو ويزن ساراهه جوڳو آهي