سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اڳوڻي ايم پي اي محمد نواز چانڊيو سان سندس پٽ جي لاڏاڻي تي ٽنڊو محمد خان پهچي تعزيت ڪئي آهي
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اڳوڻي ايم پي اي محمد نواز چانڊيو جي پٽ جي وفات تي ڳوٺ صوبو خان چانڊيو پهتو
صحافين سان ڳالهائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽي سنڌ کي پنهنجي ماءُ ٿي سمجهي ۽ ماءُ جي خدمت ڪرڻ اولاد جو فرض آهي
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ حڪومت پنهنجي محدود وسيلن آهر صحت، تعليم، ٽرانسپورٽ ۽ توانائي جي شعبي ۾ ترقي ڪئي آهي، ٽنڊو محمد خان شهر ۾ به جلد ترقياتي ڪم شروع ڪيا ويندا. ان موقعي تي وڏي وزير سان گڏ ايم اين اي حاجي رسول بخش چانڊيو، ڄام خان شورو ۽ ٻيا پڻ گڏ هئا