وقتي آءِ جي سنڌ مظفر علي شيخ جي صدارت هيٺ ٽريفڪ مئنيجمينٽ جي پلان بابت اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ ڊي آءِ جي ٽريفڪ، ڊي آءِ جي هيڊڪوارٽرز، اي آءِ جي ايڊمن، ايس ايس پيز، ايس پيز ٽريفڪ ۽ پراجيڪٽ ڊائريڪٽر آءِ ٽي شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ ڊي آءِ جي ٽريفڪ ڪراچي ۾ ٽريفڪ جي صورتحال ۽ ان بابت ترتيب ڏنل ٽريفڪ پلان جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏيندي چيو ته شهر ۾ 138 ٽريفڪ لائيٽ سگنلز آهن ۽ 664 چالان ڪندڙ آفيسر ڊيوٽي تي آهن، جڏهن ته شهر ۾ مختلف هنڌن تي لڳل سي سي ٽي وي ڪيمرائن جو انگ 200 آهي
هن چيو ته هلندڙ سال جنوري کان وٺي هن وقت تائين ٽريفڪ ضابطن جي مختلف ڀڃڪڙين تي 9 لک 92 هزار 5 سئو 76 رُپين جو چالان ڪاٽيا ويا آهن، جڏهن ته ڄاڻايل عرصي دوران ٽريفڪ ضابطن جي ڀڃڪڙي تي 69 ڪروڙ 98 لک 81 هزار 6 سئو 50 رُپيا ڏنڊ پڻ لڳايو ويو آهي.
وقتي آءِ جي سنڌ هدايت ڪئي ته شهر ۾ لڳل سمورن غير فعال ۽ خراب ٿيل ٽريفڪ لائيٽ سگنلن جي مرمت لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن.
ڪراچي شهر جي ٽريفڪ ضلعن لاءِ ايس پي مددگار ون فائيو، محافظ فورس، ايس ايس پي سٽي ڪراچي، ايس پي آر آر ايف نيول بيس، ايس ايس پي ملير، ايس ايس پي ڪورنگي، ايس ايس پي ويسٽ ۽ ايس ايس پي سينٽرل کي مقرر ڪري ٻين ميمبرن تي مشتمل ڪميٽيون قائم ڪرڻ جو باضابطه پڌرنامو جاري ڪيو ويو.
وقتي آءِ جي سنڌ ڪميٽين جي سربراهن کي هدايت ڪئي ته اهي روزاني جي بنياد تي لاڳاپيل ٽريفڪ ضلعن جي ايس پيز،ڊي ايس پيز ۽ سيڪشن آفيسرن جي ڪارڪردگيءَ جو جائزو وٺن، جنهن ۾ ٽريفڪ جي انتظامن/ قدمن تي ٻڌل هڪ جائزو رپورٽ موڪلي ويندي، جنهن کانپوءِ هڪ هفتي جي رپورٽ جي روشني ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ آفيسرن کي انعام ڏنا ويندا، جڏهن ته ناقص ڪارڪردگي تي اهڙن آفيسرن خلاف کاتي موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.
هن هدايت ڪئي ته شهر ۾ لڳل ٽريفڪ لائيٽ سگنلن جي مرمت، آرائش ۽ سجاوٽ جي حوالي سان سيڪريٽري ٽرانسپورٽ سان رابطو ڪيو وڃي ۽ ان حوالي سان ڪراچي جي سمورن ٽريفڪ ضلعن ۾ ايس ايس پيز ۽ ايس پيز ٽريفڪ جي سربراهي ۾ ٽريفڪ ۽ سگنل مينيجمينٽ ڪميٽيون ٺاهيون وڃن.
هن چيو ته ڪراچي ۾ ترقياتي ڪمن جي ڪري بند ٿيل روڊن يا جيڪي ٽريفڪ جو دٻاءُ هيٺ آهن، انهن لاءِ متبادل رستا ۽ پبلسٽي جا قدم کنيا وڃن، جنهن جو مقصد شهرين کي ٽريفڪ جام جهڙين حالتن کان بچائڻ ۽ ٽريفڪ جي اڻ ڳڻت وهڪري کي يقيني بڻائڻ آهي.
ھن چيو ته ٽريفڪ آفيسر شهرين سان تعاون، هاڪاري رويي کي يقيني بڻائيندا ۽ مقرر ڪيل ذميواريون پوريون ڪندا.
هن چيو ته روڊن ۽ شاهراهه رستن تي ٽريفڪ جي رواني کي جاري رکڻ لاءِ سمورن اسٽيڪ هولڊرز جي صلاح مشوري سان جامع پلان تيار ڪيو وڃي، جڏهن ته شهرين جي سهولت لاءِ ٽريفڪ لائيٽ سگنلن، چوراهن، جنڪشنن ۽ ٻين هنڌن تي لڳايا وڃن، ٽريفڪ جي دٻاءُ ۾ ٽريفڪ آفيسرن ۽ اهلڪارن کي به خاص ذميواريون ڏنيون وڃن. هن چيو ته ضلعي ۽ ٽريفڪ سيڪشنز جي سطح تي ٽريفڪ پلانن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ سان گڏ ٽريفڪ مئنيجمينٽ سسٽم کي به اثرائتو ۽ ڪامياب بڻايو وڃي