* سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي
ملاقات دوران سنڌ جي گورنر کي وزيراعظم يوٿ پروگرام جي اغراض ۽ مقصد کان آگاهه ڪيو ويو
ان موقعي تي سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري چيو ته پاڪستان جو روشن مستقبل نوجوانن تي سيڙپڪاريءَ سان ئي يقيني آهي
ڪامران خان ٽيسوري چيو ته گورنر هائوس ۾ آءِ ٽي ڪورسز ذريعي نوجوانن کي بااختيار بڻايو پيو وڃي
وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود خان چيو ته گورنر اينيشيٽو تحت نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ کنيل قدم ساراهه جوڳا آهن. راڻا مشهود خان چيو ته آئي ٽي ڪورسز ۽ ڪاروبار لاءِ فنڊ فراهم ڪري نوجوانن جي صلاحيتن کي ڪم آڻي سگهجي ٿو