ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو پاران جرمن قونصليٽ جو دورو ڪيو ويو.
ڪراچي پوليس چيف جرمني جي قونصل جنرل ڊاڪٽر روڊيگر لوٽز سان قونصليٽ ۾ ملاقات ڪئي.
ملاقات دوران شهر جي موجوده سيڪيورٽي صورتحال، امن و امان لاءِ پوليس جي قدمن سميت گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. جرمن قونصل جنرل سان ملاقات ۾ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي ۽ ايس ايس پي طارق الاهي مستوئي فارن سيڪيورٽي سيل پڻ شرڪت ڪئي