سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ بي آر ٽي ريڊ لائين منصوبي جو اجلاس وزيراعليءِ هائوس ۾ ٿي گذريو
اجلاس ۾ سينيئر وزير شرجيل ميمڻ، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي، ايم ڊي ايس ايڇ او امتياز شاهه، سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن، ڊي آءِ جي ٽريفڪ ايم ڪيو ايم سي افضل زيدي، ڪي اليڪٽرڪ جي نمائندن سعديه دادا، حارث صديقي ۽ بي آر ٽي ريڊ لائين جي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر شرڪت ڪئي.
سينيئر ٽرانسپورٽ واري وزير شرجيل ميمڻ وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي چيو ته بي آر ٽي ريڊ لائين منصوبي جا ٻه اهم سول ورڪ آهن، لاٽ ون ملير هالٽ کان شروع ۽ موسميات تي ختم ٿئي ٿو ۽ لاٽ ٽو موسميات کان نمائش تائين وڃي ٿو، لاٽ-ون جي فزيڪل پروگريسو 9 ڏهائي 46 سيڪڙو ۽ لاٽ-ٽو جي 15 ڏهائي 3 سيڪڙو وڌي وئي آهي.
صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ وڏي وزير کي ٻڌايو ته لاٽ ون ۽ لاٽ ٽو تي ڪم مارچ 2026 ۽ جون 2026 تائين مڪمل ڪيو ويندو.
سنڌ جي وڏي وزير چيو ته ريڊلائن ڪوريڊور جي سڄي علائقي ۾ ٽريفڪ جا وڏا مسئلا آهن، جنهن سبب علائقي جا ماڻهو سخت پريشاني جو شڪار آهن.
هن ٽرانسپورٽ کاتي کي چيو ته آئون چاهيان ٿو ته هن منصوبي تي ڪم تيز ڪيو وڃي ته جيئن عوام جي پريشاني ختم ٿئي.
ٽرانسپورٽ واري وزير، وڏي وزير کي ٻڌايو ته گڏيل ٽريفڪ لين، ڊيلائينيٽر، ٽيپو سلطان انڊر پاس، هائيڊرينٽ انڊر پاس، ڪائنڊ ڪاٽيج انڊر پاس، ڪنگ ڪاٽيج اسٽيشن ۽ صفورا پائل ڪيمپس تي ڪم جاري آهي.
وڏي وزير چيو ته منصوبي جي مسئلن کي جلد حل ڪرڻ لاءِ هڪ مقرر ڪيل فوڪل پرسن ذريعي سمورن يوٽيلٽي ايجنسين جي مجموعي موثر ڪوآرڊينيشن ضروري آهي.
هن ڪي ايم سي کي هدايت ڪئي ته هو ٽرانسپورٽ کاتي سان سهڪار ڪري ته موجوده نالا ڪراسنگ کي بي آر ٽي ريڊ لائين سان گڏ ڊيولپ ڪيو وڃي
وڏي وزير ايس ايس ڊبليو ايم بي کي هدايت ڪئي ته هو روڊن جي ڀرپاسي جي نشاندهي ڪيل پوائنٽس تي ڊمپ سائٽس تان ڪچرو وقت سر کڻندي صفائي سٿرائي کي يقيني بڻائي.
وڏي وزير ڪي اليڪٽرڪ کي هدايت ڪئي ته خريداري واري عمل کي مختصر ڪيو وڃي جيڪو في الحال 5 کان 6 مهينا آهي، وڏي وزير ڪي اليڪٽرڪ کي هدايت ڪئي ته يوٽيلٽيز کي شفٽ ڪيو وڃي، جنهن لاءِ بي آر ٽي ريڊ لائين جي پي ڊي اڳ ۾ ئي 80 سيڪڙو رقم ادا ڪري ڇڏي آهي.
ڪي اليڪٽرڪ جي نمائندن وڏي وزير کي ٻڌايو ته ڪي اليڪٽرڪ کي ڪيبلن جي شفٽ ڪرڻ جي منظوري ناهي ڏني وئي.
وڏي وزير ڪمشنر ڪراچي حسن نقوي کي هدايت ڪئي ته هو ڪي اليڪٽرڪ کي رائيٽ آف وي ڏئي ۽ کين ڪيبلن جي منتقل ڪري واري رپورٽ پيش ڪري
سيد مراد علي شاهه واٽر بورڊ کي اها به هدايت ڪئي ته هو ٽرانسپورٽ کاتي سان گڏجي بي آر ٽي ريڊ لائين ۽ ڪي IV اگمينٽيشن جي ڪمن تي ڪم ڪري، وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته عارضي ٽريفڪ مئنيجمينٽ پلان جوڙيو ويو آهي. روڊن جي وچ ۾ اضافي جاءِ ختم ڪرڻ ۽ مکيه شاهراهن جي هڪ لين کي سروس روڊ تي منتقل ڪرڻ سان گڏ ڪنارن تي عارضي واڪ ويز ٺاهيا پيا وڃن، گڏيل ٽرئفڪ لاءِ رستا پڻ تيار ڪري رهيا آهيون.
وڏي وزير ڊي آءِ جي ٽريفڪ کي هدايت ڪئي ته ٽريفڪ کي روان رکڻ لاءِ چوراهن تي وڌيڪ ٽريفڪ پوليس مقرر ڪئي وڃي.
وڏي وزير چيو ته هو ايندڙ هفتي هڪ ٻئي اجلاس جي صدارت ڪندو، جنهن ۾ سندس هدايتن تي ٿيل اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويندو. هن چيو ته آئون چاهيان ٿو ته بي آر ٽي ريڊ لائين تي ڪم مقرر تاريخ کان گهڻو اڳ مڪمل ٿئي….