تازہ ترین

ميمڻ صدر آصف علي زرداري کي 69ھين جنم ڏينھن جي موقعي تي ڀيٽا پيش

 ميمڻ صدر آصف علي زرداري کي 69ھين جنم ڏينھن جي موقعي تي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آھي تھ صدر آصف علي زرداري پنھنجي ڪارڪنن سان گڏوگڏ سياسي مخالفن لاءِ بھ سياست جي درسگاھھ آھي، پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ آصف علي زرداري جو نالو عظيم سياستدانن ۾ سرفھرست رھندو

شرجيل ميمڻ چيو ته آصف علي زرداري جو ڳاڻيٽو تاريخ جي انھن اڳواڻن ۾ ڪيو ويندو جن جون سياسي روايتون ورھين تائين رائج رھنديون، آصف علي زرداري پاڪستان ۽  عوام لاءِ جيڪو ڪجھھ ڪيو اھو سندس بلند تر سياسي شعور جو اظهار آھي

شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ صدر آصف علي زرداري ڪڏھن بھ رياستي ادارن سان ٽڪراءُ جي پاليسي تي عمل ناھي ڪيو نھ ئي وري ڪڏھن ملڪ کي ڏڦيڙ ڏانھن ڌڪيو، شھيد ڀٽو، شھيد بينظير ڀٽو جي ويزن ۽ صدر آصف علي زرداري جي ڪاوشن سان اڄ پيپلز پارٽي نھ رڳو پاڪستان جي عوام جي اتحاد پر ملڪي يڪجھتي جو ھڪ ادارو آھي، صدر آصف علي زرداري کي سياسي شعور ورثي ۾ مليو  جنھن کي شھيد محترمھ بينظير ڀٽو جي ڪري سگھھ ملي

ھن چيو تھ بنا ڪنھن ڏوھھ جي 12 سال قيد ڪاٽڻ واري بھادر ليڊر انتھائي نازڪ وقت ۾ پاڪستان کپي جو نعرو لڳائي پاڪستان کي بچايو، پاڪستان جي عدليا سميت سمورن رياستي ادارن جو صدر آصف علي زرداري احترام ڪيو

صدر آصف علي زرداري ڪڏھن بھ اھو ناھي چيو تھ ھُو ھڪ وڏي سياسي پارتي جو ليڊر آھي اُن ڪري پاڪستان جو ڪوبھ قانون مٿس لاڳو نھ ٿو ٿئي

شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ ھو تھ 18ھين آئيني ترميم ذريعي صدر آصف علي زرداري وڌ کان وڌ صوبائي خودمختياري ڏني

صدر آصف علي زرداري اتر اولھھ واري سرحدي صوبي کي خيبر پختونخواھھ جو نالو ڏئي ھڪ وفاقي ايڪي طور سڃاڻپ ڏني، آصف علي زرداري 2009 ۾ گلگت بلتستان سڌارن ذريعي انھن علائقن کي بھ پھرئين ڀيري ھڪ ايڪي طور سڃاڻپ بخشي

شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ ھو تھ اعليٰ سياسي شعور، تدبر، استقامت ۽ جدوجھد جي نتيجي ۾ صدر آصف علي زررداري کي ٻئي ڀيري صدر ٿيڻ جو اعزاز مليو آھي، اھو اعزاز ڪنھن ٻئي کي ناھي مليو، سياسي قوتن سان مفاھمت سان گڏوگڏ صدر آصف علي زرداري غير سياسي قوتن ۽ اسٽيبلشمينٽ سان ٽڪراءُ جو رستو اختيار نھ ڪيو ۽ نھ ئي ڪنھن قسسم جي مھم جوئي ڪئي، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ٽڪراءُ واري جنھن روايتي سياست جي مخالفت ڪري رھيو آھي اھو بھ مفاھمتي سياست جو تسلسل آھي

آرٽيڪل

سنڌ

اڄ جي اخبار

Karachi Office

Daily Sobh
Plot No B – 268 Sector 6 F, Mehran Town , Korangi Industrial Area Karachi

Phone: 021-35156121-3
Fax: 021-35156125

Hyderabad Office

Daily Sobh
5th Floor , Ali Heights Opposite New Memon Motors, Auto Bhan Road Latifabad
Hyderabad, Sindh,
Pakistan

Phone: 022-3411376
Phone: 022-3411377
Phone: 022-3411378

Email: dailysobh@gmail.com

Sukkur Office

Daily Sobh
Plot No. C-40, Industrial Area, Golimar Near Shikarpur Phattak
Sukkur, Sindh,
Pakistan

Phone: 071-5633725
Fax: 071-5633724

Daily Sobh Newspaper Karachi

Head Office: C-36, Line 11, Bhukhari Commercial Phase-1, DHA, Karachi, Pakistan
E-mail: dailysobh@gmail.com