حڪومت پاران راستن جي بندش ۽ وٺ پڪڙ کانپوءِ جماعت اسلامي حڪمتي عملي تبديل ڪندي ۽ ٽن هنڌن تي ڌرڻن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي
جماعت اسلامي جي ڌرڻي واري سڏ تي ريڊ زون ۽ راولپنڊي کان گادي واري شهر ايندڙ ويندڙ رستا ڪنٽينر لڳائي بند ڪيا ويا، پنڊي ۾ ميٽرو بس سروس به بند ڪئي وئي، جنهن سان مسافرن کي شديد کي ڏکائين کي منهن ڏيڻو پيو
ان کانسواءِ پوليس مختلف هنڌن تي جماعت اسلامي جي ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو آهي، جنهن کانپوءِ جماعت اسلامي حڪمت عملي تبديل ڪري ڇڏي آهي
جماعت اسلامي ترجمان قيصر شريف ٻڌايو ته جماعت اسلامي ٽن هنڌن تي ڌرڻن جو فيصلو ڪيو آهي
ترجمان موجب مريد روڊ راولپنڊي، زيرو پوائنٽ اسلام آباد ۽ چونگي نمبر 26 تي ڌرڻي هنيو ويندو، جڏهن ته زيرو پوائنٽ اسلام آباد تي ڌرڻي جي قيادت حافظ نعيم ڪندو
ترجمان جو چوڻ هيو ته امير جماعت اسلامي حافظ نعيم جي هدايت آهي ته جتي رنڊڪ هوندي اتي ڌرڻو هنيو ويندو، ترجمان جو چوڻ هيو ته حڪومت فسطائيت تي لهي آئي آهي، تشدد ۽ گرفتارين جي مذمت ڪيون ٿا هن وقت تائين 1150 ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي
هن اعلان ڪيو ته بجلي جي بلن ۾ گهٽتائي ۽ پگهاردار تي لڳل ٽيڪسس ختم ڪرڻ تائين ڌرڻو جاري رهندو
ٻئي پاسي وفاقي وزير عطا تارڙ جماعت اسلامي سان ڳالهين لاءِ ڪميٽي جوڙڻ تي رضامندي ظاهر ڪري ڇڏي آهي
هن چيو ته لياقت باغ ۾ احتجاج تي اتفاق کانپوءِ اسلام آباد طرف مارچ جو ڪو به جواز ناهي، حڪومت حافظ نعيم الرحمان سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهي. سندس چوڻ هيو ته حڪومت هن وقت معاشي بحالي جي ايجنڊا تي عمل ڪري رهي آهي، جماعت اسلامي سان ڳالهين ڪميٽي جوڙڻ تي تيار آهيون، لياقت باغ ۾ هر سهولت ڏينداسين، ڊي چوڪ جي روايت ختم ٿيڻ گهرجي